26 اربع , سيپٽمبر 2018

آمريڪا پابنديون ايران کي جهڪائڻ جي ڪوشش آهي: ايراني نائب صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني نائب صدر اسحاق جهانگيري چيو آهي ته آمريڪا ان ڪوشش ۾ آهي ته هو مختلف پابنديون لاڳو ڪري ايران کي جهڪائڻ تي مجبور ڪري. جهانگيري موجب سموري ايراني قوم جي پهرين ترجيح اها آهي ته پابنديون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اتفاق ۽ ٻڌيءَ سان اڳتي وڌجي ته جيئن ايراني عوام کي گهٽ ۾ گهٽ نقصان برداشت ڪرڻو پوي. ايراني نائب صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا ان ڪوشش ۾ آهي ته پابندين جو اهڙو دٻاءُ وڌايو وڃي ته جيئن ايراني معاشرو ڊهڻ تي مجبور ٿي وڃي. واضح رهي ته آمريڪا ڪجهه ڏينهن اڳ ايران تي معاشي پابنديون لاڳو ڪيون آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جو ايراني تيل جي وڪري تي پابنديءَ جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته 5 نومبر کان ايراني تيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے