24 سومر , سيپٽمبر 2018

نوازالدين صديقي جي ”منٽو“ جو ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بلي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي جي فلم ”منٽو“ جو ٽريلر جاري. بالي ووڊ اداڪار نوازالدين صديقي جي فلم ”منٽو“ جو ٽريلر ريليز ٿي ويو آهي. جنهن ۾ ”منٽو“ جي زندگي ۽ ان جي لکيل تحريرون سبب کيس پيش ايل پريشانن کي نهايت خوبصورتي سان پيش ڪيو ويو آهي. ٽريلر ۾ نوازالدين صديقي منٽو جي ڪردار سان انصاف ڪيو آهي ۽ اهو چوڻ غلط نه هوندو ته فلم ”منٽو“ ۾ نوازالدين صديقي جي پرفارمنس ان جي هاڻ تائين جي بهترين پرفارمنس آهي. فلم ۾ اداڪار نوازالدين صديقي مک ڪردار ڪري رهيو آهي جڏهن ته ٻئي ڪاسٽ ۾ رشي ڪپور، راسيڪا دگل، راج شري ديش پانڊي شامل آهن. فلم جي هدايت ڪاري اداڪارا ۽ هيدايت ڪارا ننديتا داس ڪئي آهي ۽ فلم جي ڪهاڻي به هن پاڻ لکي آهي، فلم 21 ستمبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے