24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: يونين آف جرنلسٽس پاران خيرپور جي صحافي تي پوليس تشدد خلاف احتجاج

Hyderabad: Union protesters protest against violence against police in Khairpurحيدرآباد ۾ يونين آف جرنلسٽس پاران خيرپور جي صحافي تي پوليس تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو حيدر آباد يونين آف جرنلسٽس جي سيد افضال، اقبال ملاح ۽ غلام فريد لاکي سميت ٻين صحافين خيرپور جي صحافي جان محمد مڱڻهار تي پوليس تشدد خلاف احتجاج ڪيو.

صحافين جو چوڻ هو ته خيرپور پوليس وڏي ناانصافي جو مظاهرو ڪري سينيئر صحافي خان محمد تي تشدد ڪيو، جنهن جي هو سخت مذمت ڪن ٿا.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، صحافين تي تشدد وارا واقعا آزاد صحافت تي حملا آهن.

صحافين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صحافي تي تشدد ڪندڙ  ايس ايڇ او جي نوڪري ختم ڪري کيس لاڪپ ڪن ۽ صحافين کي تحفظ ڏين…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

HayatPitafi

نيوز | حيات پتافي: ڳوٺ ڪمان خان ۾ رٿا اڌ ۾ ڇڏي ويل ٺيڪيدار خلاف احتجاج

حيات پتافي ويجهو قديمي ڳوٺ ڪمال خان مشوري ۾ فرش بندي لاءِ آيل 50لک  جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے