20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: دولتپورصفن: عورتن پاران گهر تي قبضي ۽ پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

Dolatpur: Women occupied the house and protest against the policeدولتپورصفن ۾ عورتن پاران گهر تي قبضي ۽ پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ڳوٺ يار محمد ڏاهري جي الله بچائي، نور خاتون ۽ ماربا ڏاهري سميت ٻين عورتن گهر تي قبضو ڪرڻ تي بااثرن ۽ پوليس جي ناانصافين احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عورتن چيو ته ڏاهري جي برادري جي بااثرن نشي ۾ ڌت ٿي رات وقت گهرن ۾ گهڙي مٿن تشدد ڪيو، هو گهر تي قبضي لاءِ هيسائي رهيا آهن.

هنن چيو ته بااثر سندن نياڻين کي پيسن عيوض پرڻائڻ چاهين ٿا، روڪڻ تي بااثر  پوليس کي پيسا ڏئي گهرن تي چڙهائي ڪرائي ۽ نوجوان کنڀرائي گم ڪرائي ڇڏيو آهي.

عورتن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر ۽ پوليس خلاف ڪارروائي ڪري ۽ نوجوان کي آزاد ڪري ساڻن انصاف ڪن………

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے