19 اربع , سيپٽمبر 2018

بٺيءَ تان هٿ ايندڙ چونڊ فارم اهم نه هئا: اليڪشن ڪميشن جي وضاحت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن تندور تان اليڪشن فارم هٿ اچڻ واري معاملي تي وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته اهي فارم اهم نه هئا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته بٺيءَ تان هٿ ايندڙ رڪارڊ ڪنهن به حساب سان حساس ۽ اهم نه هو. اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته ڄاڻايل فارم چونڊ عملي جي تربيت لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا، ٽريننگ ۾ استعمال ڪيل ڪاغذ فالتو سمجهيا ويندا آهن. اي سي پي طرفان جاري ڪيل وضاحت موجب ڊي آر او، آر او ۽ پولنگ آفيسرن جي تربيت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٿي، ڄاڻايل فارم وڏي انگ ۾ 4 سئو اسڪولن ۾ موڪليا ويا هئا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊن جي سلسلي ۾ لاڳاپيل عملي کي تربيت نه رڳو زباني طور پر عملي ۽ تجرباتي طور به ڪئي ويندي آهي، اهي فارم ان ئي سلسلي ۾ جاري ڪيا ويندا آهن، چونڊن جي سمورين حساس پولنگن جو رڪارڊ اسٽرانگ رومز ۾ جمع آهي، حساس سامان پاڪ فوج جي نگراني ۾ اسٽرانگ رومز ۾ جمع ڪرايو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے