21 جمعو , سيپٽمبر 2018

فواد حسن فواد جي گرفتاري خلاف درخواست: عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Mithi: Elections activities on height not even cities but in villages tooلاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسن فواد جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق عباسي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ فواد حسن فواد جي گرفتاري خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته نيب پي ايل ڊي سي ڪرپشن ڪيس ۾ فواد حسن فواد کي گرفتار ڪيو ۽ پوءِ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي الزام ۾ کيس ٻيهر حراست ۾ ورتو ويو. فواد حسن فواد جي وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته هڪ ڪيس کانپوءِ ٻئي ڪيس ۾ گرفتاري نيب قانون جي ڀڃڪڙي آهي، گرفتاري کان اڳ قانوني تقاضا پورا نه ڪيا ويا، جيڪو بنيادي حقن ۽ قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ڪئي وئي ته فواد حسن فواد جي گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏئي سندس آزادي جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت نيب سميت سمورين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے