19 اربع , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي نااهلي بابت درخواست: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ جوڙي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي هدايت تي جوڙيل ٻه رڪني ڊويزنل بئنچ جي سربراهي جسٽس شوڪت عزيز صديقي ڪندو، جڏهن ته بئنچ جو ٻيو ميمبر جسٽس اطهر من الله هوندو. عدالتي بئنچ عمران خان جي نااهلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي سڀاڻي ڪندي، جڏهن ته بئنچ تحريڪ انصاف سربراهه کي وزارت عظميٰ جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ کان روڪڻ لاءِ درخواست به ٻڌندي. واضح رهي ته عمران خان جي نااهلي لاءِ درخواست اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سيڪريٽري عبدالوهاب بلوچ داخل ڪرائي آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف سربراهه کي وزارت عظميٰ جي چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ جي درخواست شهداءِ فائونڊيشن جي حافظ احتشام داخل ڪرائي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے