23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: جروار: صحت مرڪز جي زبون حالي ۽ ڪرپشن خلاف سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

jarwar: The protest of the political center of Zebun Hali's health and political social leaders against corruption*جروار ۾صحت مرڪز جي زبون حالي ۽ ڪرپشن خلاف سياسي سماجي اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سياسي سماجي اڳواڻن علي گوهر گبول، زاهد علي گبول، خليل احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾جروار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته جروار رورل هيلٿ سينٽر جي نئين عمارت 2000ع ۾  ٺھي هئي پر ناقص ميٽريل جي استعمال سبب عمارت ڊهي ڊهي پٽ ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته 2013 ع ۾رورل هيلٿ سينٽر جروار پي پي ايڇ آءِ حوالي ڪيو ويو، پي پي ايڇ آءِ جي حوالي ٿيڻ کانپوءِ جروار اسپتال جي مرمت لاءِ ايندڙ رقم ۽ ماهوار ايندڙ بجيٽ خرچ ڪرڻ بدران هڙپ ڪئي وئي آھي.

سندن چوڻ هو ته اسپتال جي عملي کي پراڻي اسپتال جي ڪمرن ۾ ويهاريو ويو آھي جتي پڻ ڪا به سهولت ناھي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هن وقت پي پي ايڇ آءِ وارن جروار اسپتال کي به بند ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آھي ھر مهيني ايندڙ دوائون به گهٽ ڪري ويا آھن.

هنن ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته جروار اسپتال کي هر سهولت ڏيڻ ۾ مدد ڪري ۽ ڪرپشن ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

LakhaRoad

نيوز | لاکاروڊ : مختلف شهر ڏانهن ويندڙ روڊ جي حالت انتهائي خراب ، شهري سخت اذيت ۾ مبتلا  

لاکاروڊ شهر  انيڪ مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي گذريل 30 سالن کان مختلف شهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے