26 اربع , سيپٽمبر 2018

ايشين انڊر 12 بيس بال چيمپئين شپ ۾ پاڪستان جي هٿان ڀارت کي شڪست

Asian Indoor 12-year-old Ball Championship defeated India's hands in Pakistanتائيوان(ويب ڊيسڪ) ايشين انڊر 12 بيس بال چيمپئين شپ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، جنهن روايتي مخالف ڀارت کي 0-16 تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان ٽيم جو  پهرين ميچ ۾ عالمي نمبر ٽه ڪوريا سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ٽيم کي ڪوريا جي هٿان 4-1 جي اسڪور تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پاڪستان 14 آگسٽ تي گروپ جي ٻي ميچ ۾ هانگ ڪانگ کي 1-6 اسڪور تان شڪست ڏني. 15 آگسٽ تي پاڪستان جو مقابلو راويتي مخالف ڀارت سان ٿيو جنهن ميچ ۾ مڪمل طور تي ڀارت کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 0-16 اسڪور تان شڪست ڏني. پاڪستان پهرين ئي اننگز ۾ ڀارتي ٽيم کي دٻاءُ هيٺ رکيو جيڪو آخري اننگز تائين برقرار رهيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 15 اسڪور جو فرق ٿيڻ سبب ميچ کي پنج اننگز ۾ ئي مڪمل قرار ڏئي ڇڏيو. اهڙي طرح گروپ ۾ ٻه ميچون کٽڻ بعد پاڪستان انڊر 12 ٽيم ايندڙ مرحلي لاءِ ڪوليفائي ڪري ورتو آهي. ايشين انڊر 12 بيس بال چيمپئين شپ عالمي ڪپ جو ڪوليفائي رائونڊ پڻ آهي، جنهن جي پهرين 3 پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمون عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ اهل ٿينديون. ڀارت خلاف ڪاميابي بعد پاڪستاني رانديگر تمام گهڻو خوش آهن. ڪپتان محمد فياض ۽ نائب ڪپتان سبحان مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته ڀارت جي شڪست پاڪستاني عوام لاءِ تحفو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لڳيتو ٻن ميچن ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد تمام گهڻو خوش آهيون، ايندڙ ميچن ۾ پڻ ڪاميابي جو تسلسل کي برقرار رکنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

National Conference seeks to issue the NOC for participating in the Afghan Premier League

قومي ڪرڪيٽرن طرفان افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ جو مطالبو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) قومي ڪرڪيٽرن افغان پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ نو آبجيڪشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے