20 خميس , سيپٽمبر 2018

اسد قيصر قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ قاسم سوري ڊپٽي اسپيڪر چونڊجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نون چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبرن ڳجهي راءِ شماري ذريعي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ڪي پي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي اسپيڪر، جڏهن ته قاسم سوري کي ڊپٽي اسپيڪر چونڊي ورتو. تحريڪ انصاف جي قاسم سوري کي 183 ووٽ مليا، جڏهن ته اپوزيشن اتحاد جي اميدوار اسعد محمود 144 ووٽ حاصل ڪيا. ڳجهي راءِ شماري جي نتيجن جي اعلان کانپوءِ قاسم سوري قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر طور عهدي جو حلف کنيو، قومي  اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کانئس حلف ورتو. ان کان اڳ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسمبلي جو اجلاس شروع ٿيو، جتي ڳجهي راءِ شماري ذريعي پهرين مرحلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ ڪئي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان اسد قيصر ۽ مخالف اتحاد طرفان سيد خورشيد شاهه کي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو هو. اسد قيصر 176 ۽ خورشيد شاهه 146 ووٽ حاصل ڪيا. پول ڪيل 330 مان 322 ووٽ منظور جڏهن ته 8 رد ڪيا ويا.پولنگ جي نتيجن جو اعلان ڪرڻ بعد سردار اياز صادق اسد قيصر کان عهدي جو حلف ورتو.اسد قيصر جي حلف کڻڻ واري موقعي تي مسلم ليگ ن اسمبلي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تصوير واري پوسٽر کني اسپيڪر ڊائس اڳيان جمع ٿي ويا. ن ليگي ميمبرن ان موقعي تي ”ووٽ کي عزت ڏيو“ وارا نعرا پڻ هنيا. جڏهن ته کين ڪاريون پٽيون پڻ ٻڌل هنيون، قومي اسمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر ن ليگ جي سخت احتجاج سبب اجلاس 15 منٽ لاءِ ملتوي ڪيو، جيڪو ٻيهر شروع ٿيو. پنهنجي پهرين خطاب ۾ قومي اسمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اهو  لازمي آهي ته اسان ذاتي مفادن کان هٽي ڪري ملڪي مفادن لاءِ ڪم ڪريون، اسان سڀني جي سڃاڻپ پاڪستان آهي، ان سان ئي اسان جي عزت ۽ وقار آهي اسان گڏجي ڪري پاڪستان جي خدمت ڪرڻ چاهيون ٿا. هن جو چوڻ آهي ته ميڊيا کي خاطري ڪريان ٿو ته اسمبلي سيڪريٽريٽ طرفان هر قسم جو سهڪار مُهيا ڪيو ويندو. اجلاس جي شروعات تي قومي اسمبلي جي 5 چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، جيڪي ڪنهن سبب ڪري 13 آگسٽ تي حلف نه کڻي سگهيا هئا. قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ عمل دوران هڪ دلچسپ واقعو پڻ پيش آيو پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ امڪاني وزيراعظم عمران خان قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ پهتو ته وٽس سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هو جنهن تي پولنگ ايجنٽ جي رضامندي سان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي ميمبر قادر پٽيل طرفان اعتراض واري ڇڏيا. قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ واري عمل دوران عمران خان پنهنجي واري تي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ پهريان پولنگ ايجنٽ وٽ ويو جتي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو هو پر هن سڃاڻپ ڪارڊ جي ڳولا لاءِ پنهنجي ڪوٽ ۾ هٿ هنيو ته ڪارڊ موجود نه هو،  سڃاڻپ ڪارڊ موجود نه هئڻ تي کيس اسپيڪر ڏانهن اشارو ڪيو ويو. ان موقعي تي اسپيڪر اسپيشل ڪيس قرار ڏيندي عمران خان کي ووٽ ڏيڻ جي اجازت ڏني جنهن بعد هن پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. عمران خان کي اجازت ڏيڻ تي پيپلز پارٽي جي ميمبر قادر پٽيل اعتراض وارريندي چيو ته موٽ سڃاڻپ ڪارڊ نه هو جنهن تي اسٽاف چيو ته ڪارڊ کڻي اچو يا ٻيهر اسمبلي ڪارڊ ٺهرائي وٺو، جڏهن عمران خان نيازي وٽ ڪارڊ نه هو پر کيس اجازت ڏني وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سمورا ميمبر برابر آهن ايوان ۾ ڪو به ننڍو وڏو ناهي، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. جنهن تي اسپيڪر اياز صادق عبدالقادر پٽيل کي چيو ته جيڪڏهن توهان به پڇي وٺو ها ته مان توهان کي به اجازت ڏئي ڇڏيان ها، منهنجي لاءِ سمورا ميمبر برابر آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے