23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: ڳوٺاڻن جو پنجاب پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج، انصاف جو مطالبو

Daharki: Residents protest against Punjab police*ڏهرڪي ۾ڳوٺاڻن پنجاب پوليس جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 ڳوٺ رستم ڪوڀر جي رهواسي مردن ،عورتن۽ ٻارڙن پنجاب پوليس خلاف  مائي رحمت،مائي حسينه،مائي صابل، غلام ياسين، واجد علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقي تي  ميڊيا سان ڳالهائيندي  ڳوٺاڻن چيو ته هڪ سال اڳ پنجاب جي شهر ڪوٽ سمابه جي رهواسي ناري رابعه ڀٽي پنهنجي مرضي سان گهران نڪري نوجوان عابد ڪوڀر سان پسند جي شادي ڪئي هئي

 ناري جي وارثن جي ونگار تي پنجاب پوليس نوجوان جي ماءُ مائي سڪينه ۽ سندس ڀاءُ مصطفيٰ ڪوڀر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي

 هنن   اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو  ته نوجوان جي ماءُ ۽ ڀاءُ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے