21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نئون چونڊيل پي ٽي آءِ پنجاب اسمبلي جو ميمبر غلام عباس لاڏاڻو ڪري ويو

New elected elected PPP member Ghulam Abbas was removedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ  پنجاب اسمبلي جو نئون چونڊيل ايم پي اي ملڪ غلام عباس خاڪي لاڏاڻو ڪري ويو. ملڪ غلام عباس پي پي 222 ملتان مان پنجاب اسمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو هو. اسپتال ذريعن موجب غلام عباس خاڪي کي ڪجهه ڏينهن اڳ دل دورو پيو هو ۽ هو اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو پي ٽي آءِ سينيئر اڳواڻ جهانگير ترين نئين چونڊيل ايم پي اي غلام عباس خاڪي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو، غلام عباس خاڪي جو مڙهه شجاع آباد منتقل ڪيو ويو آهي، سندس جنازي نماز اڄ شام ملتان ۾ ادا ڪئي ويندي. ان کان اڳ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ راجن پور جي تڪ  پي پي 296تان پي ٽي آءِ جي نئين چونڊيل ايم پي اي طارق دريشڪ پڻ برين هيمبرج سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے