22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

پنجاب جي گورنر رفيق رجوانا عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي

Punjab Governor Rafiq Azizi resigned from resignationلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر رفيق رجوانا پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. رفيق رجوانا لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ پنهنجي استعفيٰ جو اعلان ڪندي چيو ته هاڻ وڌيڪ فرض ادا نٿو ڪري سگهان. رفيق رجوانا موجب نئين حڪومت ٺهي وئي آهي، انڪري هاڻ هو پنهنجو گورنر نامزد ڪن. هن وڌيڪ چوڻ هو ته هن پارٽي قيادت سان صلاح مشوري بعد استعفيٰ ڏني آهي. ڏکڻ پنجاب جي شهر ملتان سان واسطو رکندڙ رفيق رجوانا ڊگهي عرصي کان مسلم ليگ ن سان سلهاڙيل آهي. رفيق رجوانا 10 مئي 2015 تي پنجاب جي گورنر جي عهدي جو حلف کنيو هو، هن کان اڳ چوڌري سرور ان عهدي تي مقرر هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے