24 سومر , سيپٽمبر 2018

نئين پاڪستان جو نعرو لڳائيندڙن شروعات ئي خريد ۽ وڪرو سان ڪئي: حمزا شهباز

The new slogans of new Pakistan started and sold in the beginning: Hamza Shahbazلاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته نئين پاڪستان جو نعرو لڳائيندڙن شروعات ئي خريد ۽ وڪرو سان ڪئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته جهموريت جو حسن آهي ته چونڊون ٿينديون آهن، مخالف ڌر ۾ ويهڻ به ن ليگ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، اسان دليري سان مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪنداسين، ن ليگ پنجاب ۾ اڪثريتي پارٽي آهي. هن چيو ته نئين پاڪستان جو نعرو لڳائيندڙن شروعات ئي خريد ۽ وڪرو سان ڪئي آهي، هڪ شخص جنهن کي عدالت نااهل قرار ڪيو اهو جهاز ۾ ماڻهن کي گهمائي رهيو هو، عمران خان جيڪو ق ليگ جي قيادت لاءِ چيو هو ته اهي لفظ نٿو چئي سگهان، ڳٺ جوڙ ۽ مفاد واري سياست کي ماڻهو سٺي نظر سان ناهن ڏسندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ 14 لک افغان پناهگير رهن ٿا، انگ اکر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے