22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

سنڌ اسيمبلي اعتماد جو نالو آهي

سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ ٿي گذري ۽ چونڊيل ميمبرن، اسيمبليءَ جي ۽ پنهنجي ان منصب جي آبرو رکڻ ساڳئي وقت هُو جنهن عمل لاءِ چونڊ جي آيا آهن ان عمل ۽ چونڊيدڙن جي اعتبار تي پورو لهڻ جو قسم به کڻي ورتو.

هُو ان قسم جو ڪيترو ڀرم رکندا، اهو اڳتي هلي ثابت ٿيندو. فلحال هنن قسم کنيون آهي ۽ اسين سڀ ان قسم تي اعتبار ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيا آهيون، اکيون ٻوٽي اعتبار ڪرڻ جي گنجائش هنن بلڪل ڪا نه ڇڏي آهي، تنهن هوندي به نا اميدي کي ڪفر سمجهندي اميد جو دامن مضبوط جهلڻو آهي.

سنڌ اسيمبلي اها اسيمبلي آهي، جنهن کي هن ملڪ لاءِ پهريون ٺهراءٌ پاس ڪرڻ جو اعزاز حاصل آهي، ساڳئي وقت هن اسيمبليءَ ۾ جيڪي سنڌ جون شخصيتون ميمبر طور ويٺيون آهن انهن جي ڊگهي فهرست آهي، اها ٻي ڳالهه آهي هن مقدس اسيمبليءَ ۾ محب وطن به ويٺا آهن ته وطن فروش به ويٺا آهن، هڪڙن سندس مانُ وڌايو آهي ته ٻين  سندس مرتبي کي ڇيهو پڻ رسايو آهي.

چونڊجي اسيمبليءَ ۾ اچڻ ڪنهن به شخص لاءِ هڪ اعزاز آهي ۽ اهو اعزاز کيس پنهنجي علائقي جا ماڻهون ڏين ٿا، جن جي هُن کي نمائندگي ڪرڻي هوندي آهي، جيڪي ماڻهو کيس چونڊيندا آهن، انهن جو مٿس اعتبار هوندو آهي، اهو شخص ممڪن حدتائين سندن آسرن ۽ اميدن تي پورو لهندو.

جيتوڻيڪ ڏٺو اهو به ويو آهي ته انهن چونڊجي آيل نمائندن مان ڪيترائي اهڙا به آهن جن پنهنجي عمر جا ۽ پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي اعتبار جا پنج سال يا ته ايوان ۾ ننڊون ڪري گذاريا، يا گونگا ٿي گذاريا، يا وري پنهنجي شخصي مفادن لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاريا ۽ جن ان عمل جي ابتڙ پنهنجي تڪ جي عوام جو اعتبار بحال رکيو، اسيمبليءَ جو مان رکيو، مجموعي طور سنڌ جي انهن سڀني گهرجن جي پوراءَ لاءِ نه رڳو ڳالهايو پر پنهنجي تڪ ۾ گهربل ضرورتون پوريون ڪيون، انهن لاءِ مناسب ڳالهايو ۽ ممڪن حدتائين ڪوششون ڪيون انهن تي اتان جي ماڻهن وري اعتبار ڪيو آهي ۽ جن ائين نه ڪيو آهي اُهي ايندڙ سموري عمر لاءِ اعتبار وڃائي ويٺا آهن.

اسيمبليءَ ۾ ايندڙ نمائندي جون عوام طرفان، اسيمبليءَ طرفان ۽ خاص طور سنڌ طرفان ڪهڙيون ذميواريون آهن کيس انهن ڏانهن ڌيان ڏيڻو آهي، ساڳي وقت سندس علائقي جا ڪهڙا اهم مسئلا آهن، مٿس اعتبار ڪندڙن جون ڪهڙيون مشڪلاتون آهن انهن لاءِ نه صرف پاڻ پتوڻڻو آهي پر مجموعي سنڌ جي مسئلن لاءِ به کيس نه رڳو پنهنجو آواز اٿارڻ گهرجي پر عملي طور به پاڻ کي انهن سان لاڳاپيل هجڻ گهرجي.

2018ع جي چونڊ نتيجي ۾ اسيمبليءَ ۾ آيل سڀني معزز ميمبرن مان اسان سميت سندن علائقي واسي جيڪي اميدون رکن ٿا خواهش آهي ته هو انهن تي ممڪن حدتائين پورا لهندا ۽ پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪندا، جنهن تي نه رڳو هو پاڻ فخر ڪندا پر سندن وطن ۽ وطن جا ماڻهو به سندن ڳڻ ڳائيندا.

چونڊجي آيل پارٽيون پنهنجي پنهنجي آئين ۽ قانون موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون ۽ شخص انهن دائرن ۾ رهندي پنهنجن تڪن جي ڀلائيءَ لاءِ خاص طور صحت، تعليم ۽ پاڻي روڊن رستن ۽ اهم ته مسڪين ۽ ميرٽ تي لهندڙ نوجوانن کي سندن معيار موجب روزگار ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا ته جيئن سنڌ جي ڏکن جو ڪو مناسب ازالو ٿي سگهي.

چونڊجي آيل معزز ميمبرن جي اڳيان اڄ جيڪا سنڌ آهي، اها بلڪل نئين ۽ باشعور سنڌ آهي، اها سنڌ نه آهي، جيڪا اڳ گونگي سمجهي ويندي هئي پر اڄ اها ڳالهائڻ لڳي آهي ۽ ڪالهه جيترو ۽ جيڪو سنڌ ڳالهايو آهي اهو به سندن آڏو آهي. ممڪن اهو به آهي ته سنڌ سڀاڻي اڄ کان وڌيڪ ڳالهائي ۽ اهڙو ڳالهائي جيڪو سندن ٻڌڻ کان گهڻو مٿي هُجي ان ڪري اڄ جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو پنهنجي ڪيل اعتبار کي پورو ٿيڻ جي شڪل ۾ ڏسڻ ڇاهين ٿا.

ٻئي طرف سنڌ جي نقشي، ان جي تهذيب، تمندن، ثقافت ٻولي، معاشي جيئدان سان جيڪا هٿ چُرندا ٿي رهي اسان کي اميد آهي، سنڌ اسيمبلي، انهن سڀني شين جو نه رڳو تحفظ ڪندي، انهن جي بچاءُ جا جوڳا بندوبست ڪندي پر ايوان اندر هر اُن آواز توڻي عمل جي مزاحمت ڪندي جيڪو آواز توڻي عمل سنڌ جي مٿي ڄاڻايل ڪنهن به هڪ تقدس جي ڀڃڪري ڪندو.

سنڌ هزارين سالن کان هڪ ديس آهي، ملڪ آهي، جهنن کي سڀ ڪجهه پنهنجو آهي ۽ ان سڀ جو مالڪ پاڻ آهي. اسيمبلي ان جي مالڪيءَ جي ضامن آهي. تنهن ڪري ان سڀ جو تحفظ ڪرڻ ان جو اولين فرض آهي، جنهن جي تائيد هن ملڪ جو آئين ۽ قانون ڪري رهيا آهن.

اسين اميد ڪريون ٿا ته، جيئن ته هي اسيمبلي، دنيا جي قبول ڪيل هڪ اعليٰ نظام هيٺ وجود ۾ آئي آهي، جنهن نظام کي جمهوري نظام ڪوٺجي ٿو، تنهن ڪري سمورا عمل ان نظام هيٺ ئي هلڻ جا خواهشمند آهيون ان ۽ نظام هيٺ سنڌ کي جيڪي اختيار مليل آهن اهي سڀ اختيار اسان جي اسيمبليءَ جا اختيار آهن، جيڪي هوءَ استعمال ڪرڻ جو حق رکي ٿي، ان حق تان اسان ڪنهن به صورت ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه آهيون، اهو وچن اسان جي هر ان ميمبر کي دل ۾ پنهنجي ڪالهه واري کنيل قسم جي پاسداري طور ضرور ڪرڻ گهرجي، ٻي صورت قدرت طرفان طئي ڪيل آهي ته جيڪي رستا آسمانن ڏانهن وٺي ويندا آهن اهي رستا واپس زمين ڏانهن ئي ورڻا آهن.

اربع 15 آگسٽ 2018ع، 3 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے