24 سومر , سيپٽمبر 2018

پنجاب اسمبلي اجلاس : نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو

Punjab Assembly session: The newly elected members took oathلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو. پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران نون چونڊيل اسمبلي ميمبرن حلف کنيو، اسمبلي اجلاس جي ايندڙ مرحلي ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڪئي ويندي. پنجاب اسمبلي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 175 جڏهن مسلم ليگ ن 162، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ق جي ميمبرن جو انگ  10، 10  آهي.پنجاب اسمبلي جون 7 سيٽون ميمبرن جي قومي اسمبلي جو حلف کڻڻ سبب خالي آهن جڏهن ته ٽن تڪن ۾ نتيجا دير جو شڪار آهن ۽ 3 تڪن ۾ چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي. هوڏانهن مسلم ليگ جي ميمبر زيب النساءَ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي تصوير سان گڏ اسمبلي پهتي ته سيڪيورٽي اسٽاف کيس دروازي وٽ ئي روڪي ورتو، ان موقعي ته ن ليگي عورت کان اسمبلي جي سيڪيورٽي اسٽاف تصوير وٺڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن هن مزاحمت پڻ ڪئي. اسمبلي اسٽاف جو چوڻ آهي ته ايوان ۾ ڪنهن جي تصوير کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي انڪري عورت ميمبر زيب النساءَ سيڪيورٽي اسٽاف تصوير ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے