21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مٺي:ڏڪايل ڏوٿيئڙن جو ديس ٿرپارڪر برسات نھ پوڻ سبب قهري ڏڪار جي ور چڙهي ويو

Mithi: Tharparker thirsting for single drop of water*ڏڪايل ڏوٿيئڙن جو ديس ٿرپارڪر هن  سال ڪاري قهري ڏڪار جي ور چڙهي ويو آهي،جنهن سبب وسڪاري جي چئن مهينن مان ٻه مهينا ۽ 15ڏينهن بنا برساتن جي گذري ويا

گذري ويل 75ڏينهن جيڪو وسڪاري جا انتهائي اهم ڏينهن هئا،پر انهن ڏينهن ۾ برساتون نه پوڻ ڪري ڪاري ڏڪار جون حالتون پيدا ٿي وڃڻ ڪري ٿر اڄ 15آگسٽ تي ڏڪار ڊڪليئر ٿي ويو آهي

 ،ٿر پارڪر ضلعي جي ستن ئي تعلقن جي 26سئو ڳوٺن ۾ برساتون نه پوڻ ڪري صورتحال ڀيانڪ ٿي ويئي آهي،ماروئڙن جا چهرا مايوسي ۾ وڪوڙجي ويا آهن ۽ هيل وسڪاري جون اميدون خالي رهجي ويون آهن

،بادلن جي بيرخي ۽ بنا وسڻ جي گذري وڃڻ ڪري هيل ٿرجون حالتون انتهائي خراب ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي،ٿر جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بنا وسڪاري جي اڍائي مهينا گذري ويا آهن جنهن تي ٿري سخت پريشان آهن،

برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ ٿر 15آگسٽ تي پاڻمرادو ڏڪار ڊڪليئر ٿي ويو آهي  ٿر اڄ ڏڪار ڊڪليئر ٿي ويو…………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghauspur: Tribute to martyrs of Karbala

نيوز: غوثپور:ڪربلا جي شهيدن کي ڀرپور  ڀيٽا پيش

*غوثپور ۾  به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے