20 خميس , سيپٽمبر 2018

جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس: اومني گروپ جو سربراهه انور مجيد گرفتار

Fake Bank Account Cases: Omni Majid, head of Omni Group, was arrestedاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جعلي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ اومني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي عدالت جي ڪمري ٻاهران گرفتار ڪيو ويو . چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي ۽ اوپني گروپ جي مالڪ انور مجيد ۽ سندس چارئي پٽ عدالت جي روبرو پيش ٿيا. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت انور مجيد جي وڪيل شاهد حامد جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان انور مجيد کي گرفتار ڪرڻ جو چيو ۽ نه گرفتاري روڪڻ جا حڪم ڏنا. جنهن تي ڊي جي آيف آءِ اي ان موقعي تي چيو ته عدالتي حڪم ۾ موجود آهي ته سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي. انور مجيد جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته وقت ڏنو وڃي اسان ان معاملي تي بحث ڪنداسين جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان جي آءِ ٽي جوڙي آهي، ڪنهن کي به بحث ڪرڻي آهي ته هليو اچي. عدالت انور مجيد جي خاندان کي جاچ ٿيڻ ۽ ايف آءِ اي جي اڳيان پيش ٿيڻ جوحڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. انور مجيد ۽ سندس چارئي پٽ عدالت جي ڪمري کان ٻاهر نڪتا ته ايف آءِ اي انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني کي  گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته ايف آءِ اي جعلي اڪائونٽ ذريعي لانڊرنگ ڪيس ۾ 32 ڄڻن خلاف جاچ ڪري رهي آهي جن ۾ آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور پڻ شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے