26 اربع , سيپٽمبر 2018

لاهور جي جناح اسپتال مان اغوا ڪيل ٻارڙو بازياب، اغوا ڪندڙ عورت ۽ نائيجيرين جوڙو گرفتار

Kidnapped kidnapped, abducted woman and the Nijijin Jha, who were kidnapped from Lahore Jinnah Hospital, were arrestedلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي جناح اسپتال مان اغوا ڪيل تازي ڄاول ٻار کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، اغوا ڪندڙ عورت ۽ ٻار کي خريدڻ واري نائيجيرين جوڙو گرفتار.پوليس موجب 3 ڏينهن اڳ جناح اسپتال مان اڻ ڄاتل عورت تازي ڄاول ٻار کي اغوا ڪيو هو، جنهن جو ڪيس ٻارڙي جي والد جي فرياد تي گارڊن ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو. سي سي ٽي وي ويڊيو مان سڃاڻپ نه ٿيڻ تي پوليس جيو فينسنگ جي ذريعي جوابدار پروين کي گرفتار ڪيو. جوابدار پروين ٻڌايو ته هن ٻارڙي کي اغوا ڪري نائيجيرين جوڙي کي وڪرو ڪري ڇڏيو هو. جوابدار سندس جي نشاندهي تي پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائي کيس والدين حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي نائيجيرين جوڙي احمد بلال ۽ سندس گهرواري مهوش کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے