18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڀارت جي آزادي واري ڏينهن تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

On the Independence Day of India, a few days are being put in Kashmirسرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي آزادي واري ڏينهن تي والاريل ڪشمير ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ۽ ۽ ڪاروبار بند آهي. ڪشميري ميڊيا جي رپورٽن موجب گڏيل مزاحمتي قيادت جي سڏ تي اڄ والاريل ڪشمير ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويندو جڏهن ڀارت مخالف احتجاج روڪڻ لاءِ قابض انتظاميا ڪشمير کي فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. حريت اڳواڻ سيد علي رضا گيلاني، ميرواعظ عمر فاروق ۽ ياسين ملڪ طرفان احتجاجي سڏ بعد سرينگر سميت سڄي ڪمشير جا سمورا ننڍا وڏا دڪان، بازارون ۽ اسڪول بند آهن جڏهن روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ آهي.ٻئي پاسي ڪشمير ۾ ڀارتي فوج، پيرا ملٽري ۽ پوليس اهلڪارن جو وڏو انگ مقرر ڪيو ويو آهي ۽ وڏين عمارتن تي شارپ شوٽر پڻ مقرر ڪيا ويا آهن.عوام جي چُر پر تي نظر رکڻ لاءِ حساس هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪميرا پڻ لڳايا ويا آهن جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس پڻ معطل ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے