19 اربع , سيپٽمبر 2018

قومي اسمبلي جي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

Polling process continues for the election of National Assembly Speakerاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ قومي اسمبلي جو اجلاس سردار اياز صادق جي صدارت ۾ جاري آهي. ڳجھي راءِ شماري جي ذريعي پهرين مرحلي ۾ اسپيڪر جي چونڊ ڪئي پئي وڃي. پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسد قيصر جڏهن مخالف ڌر اتحاد طرفان سيد خورشيد شاهه کي اسپيڪر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. موجودا اسپيڪر اياز صادق نئين اسپيڪر جي چونڊ تائين اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن بعد نئون چونڊيل اسپيڪر، قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ ڪرائيندو. پي ٽي آءِ طرفان ڊپٽي اسپيڪر لاءِ قاسم سوري ۽ مخالف ڌر طرفان سعد محمود کي نامزد ڪيو ويو آهي.  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا اسمبلي ميمبر ايوان ۾ موجود آهن، جڏهن مسلم ليگ ن صدر شهباز شريف عدالت ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف کي حاضري سبب ايوان ۾ نه ايندو، اجلاس جي شروعات تي قومي اسمبلي جي 5 چونڊيل ميمبرن حلف کنيو، جيڪي ڪنهن سبب ڪري 13 آگسٽ تي حلف نه کڻي سگهيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے