23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان: روڊ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت

Tando Mohammad Khan 2 killed in road accident ٽنڊي محمد خان ڀرسان تيز رفتار ڪار سان ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار 2 نوجوان فوت ٿي ويا.

جهرڪ پل ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار17  ورهين جو نوجوان احسان ڪنڀار ۽ 22 ورهين جو نوجوان پرويز رند فوت ٿي ويا.

حادثي بعد ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو.

فوتي نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندا ويا، ٻئي نوجوان پاڻ ۾ دوست هئا.

پوليس موجب ٻنهي فوتي نوجوانن جو تعلق ٽالپر ڪالوني سان آهي، پوسٽ مارٽم بعد سندن لاش اباڻي ڳوٺ آندا ويا.

هوڏانهن نوجوانن جي فوت ٿيڻ جو اطلاع سندن گهرن ۾ پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے