22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

شوبز ستارن طرفان به پاڪستانين کي آزادي ڏهاڙي جون واڌايون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ موجود پاڪستاني اڄ جوش ۽ جذبي سان آزادي ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن ۽ ان حوالي سان شوبز شخصيتون به پوئتي ناهن رهيون، جن مختلف اندازن ۾ قوم کي آزادي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏنيون آهن. فلمن، ڊرامن ۽ موسيقي سان لاڳاپيل ستارن پنهنجي مداحن لاءِ سوشل ميڊيا ذريعي آزادي ڏهاڙي جا پيغام جاري ڪيا ۽ پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون. ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر پنهنجي تصوير سان گڏ مداحن کي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني. اداڪار حمزا علي عباسي عوام کي اپيل ڪئي ته 14 آگسٽ جي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سٺو ڪم ڪيو، پوءِ ڀلي هو وڻ پوکڻ جو ڪم هجي يا پنهنجي گهر اڳيان صفائي ڪرڻ. اداڪارا صبا قمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ 71هين سالگرهه جي مبارڪ ڏيندي “پاڪستان زندهه آباد“ لکيو. اداڪار عدنان صديقي لکيو ته پنهنجي وطن سان محبت ڪيو، ان سان گڏوگڏ هن ويڊيو به جاري ڪئي، جنهن ۾ هو قومي گيت ”يه وطن تمهارا هي“ جي ڌُن تي بانسري وڄائي رهيو آهي. ”خاني“ ڊرامي ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪار فيروز خان به پاڪستاني عوام کي آزادي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون. فهد مصطفيٰ پاڪستاني پرچم جي تصوير جاري ڪري قوم کي واڌايون ڏنيون. ماروا حسين چيو ته نئين پاڪستان کي جشن آزادي مبارڪ، هيءُ جشن مختلف ئي آهي. ماهرا خان انسٽاگرام تي پرچم سان گڏ پنهنجي تصوير جاري ڪندي آزادي ڏهاڙي جي مبارڪ ڏني. ان سان گڏوگڏ فلم ”جواني ڦر نهين آني 2“ جي سموري ڪاسٽ، واسع چوڌري، اداڪارا عائزا خان، سجل علي، يمنيٰ زيدي ۽ ٻين به پاڪستاني عوام کي آزادي ڏهاڙي جون واڌايون ڏنيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے