22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو آدم: جشن  آزادي  جو ڏهاڙو،مختلف هنڌن کي جهندن سان سينگاريو ويو

Tando Adam: Celebration Day Independence, decorated with different places*ٽنڊي آدم۾ جشن  آزادي  جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو پيو وڃي، مختلف هنڌن کي جهندن سان سينگاريو ويو آهي.

قومي جهنڊو لهرائڻ جي مک تقريب ميونسپل ڪميٽي ٽنڊي آدم ۾ ٿي، جنهن ۾ ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين مسرور احسن غوري پرچم ڪشائي ڪئي.

تقريب ۾ ميونسپل ڪميٽي جي ڪائونسلرن، مختيار ڪار، اي ايس پي پوليس، شهرين ۽ اسڪولي شاگردن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي قومي جهنڊي کي  سلامي ڏئي مٺائي پڻ ورهائي وئي.

هوڏانهن دي سٽي هائير سيڪنڊري اسڪول، حاجي روشن الدين هاءِ اسڪول، زندگي فائونڊيشن اسڪول سميت بحريا فائونڊيشن ڪاليج جي استادن، شاگردن مرزا اشفاق بيگ، پروفيسر عبدالحميد شيخ، ولي محمد عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريليون ڪڍيون ويون.

ان موقعي تي استادن ۽ ساڃاھه وندن چيو ته اسان جي  وڏڙن جي ڪيل جدوجهد ۽ قربانين جي ڪري اڄ اسان آزاد ملڪ ۾ مڪمل آزدي سان رهون ٿا.

اسان کي گهرجي ته پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي ڪوششون ڪريون…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے