22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: پوليس جي خوف سبب باگڙي برادري جا گهر خالي پيل، اهلڪار سامان ٻهاري ويا

Moro: Bagghar community houses started vacant due to fear of police, goods were shifted*موري ۾پوليس جي خوف سبب باگڙي برادري جا گهر خالي پيل آهن، جڏهن ته اهلڪار گهرن مان قيمتي سامان به ٻهاري ويا آهن.

پوليس جي خوف سبب شمن باگڙي، سترام داس ۽ ٻين جا گهر خالي پيل آهن جڏهن ته اهلڪار گهرن ۾ڀڃ ڊاهه بعد سامان به ٻهاري ويا آهن.

جسقم آريسر اڳواڻ اشرف لغاري ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

هن چيو ته باگڙي برادري جون 2 عورتون پنهنجون جانيون وڃائي ويٺيون پر دهشتگردي جا ڪيس به باگڙي برادري ۽ سياسي سماجي اڳواڻن تي داخل ڪيا ويا آهن.

اسڙف لغاري چيو ته باگڙي برادري جا ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ هو پوليس جي خوف سبب گهرن ۾رهڻ بدران مائٽن مٽن وٽ ترسيل آهن.

هن چيو ته هو انساني حقن جي تنظيمن ۽ وس وارن کي اپيل ڪن ٿا ته باگڙي برادري جي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad

نيوز | شيخ ڀرڪيو: سماجي براين  ۾ واڌ،ايس ٽي پي اڳواڻن پاران پوليس  ذميوار قرار

شيخ ڀرڪيو ۾ وڌندڙ سماجي براين خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن الزام هنيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے