26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: کپرو: جشن آزادي جي موقعي تي ڊاڪٽر ڀرت ايڇ کتري پاران مفت طبي ڪئمپ قائم

Khipro: Doctor made free medical camp on the event of Independence day of Pakistan*کپري ۾  جشن آزادي جي موقعي تي لٽل اسٽار چلڊرين اسپتال ۾  نوجوان ڊاڪٽر ڀرت ايڇ کتري پاران مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي .

طبي ڪيمپ ۾ مختلف بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن مريضن کي تپاسيو ۽ کين دوائون ڏنيون .

ان موقعي تي ڊاڪٽر ڀرت ايڇ کتري جي نئين اسپتال جو افتتاح پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ ڊاڪٽرن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 شھرين جو چوڻ هيو ته کپري شھر ۾ ٻارڙن جي اسپيشلٽ ڊاڪٽر جي تمام وڏي کوٽ ھئي ٻارن کي ايمرجنسي جي صورت ۾ ميرپورخاص يا حيدرآباد  نيو ويندو هو .

هنن چيو ته ڊاڪٽر ڀرت پنهنجي شھر ۾ ڪلينڪ کولي تمام بهتر ڪم ڪيو آھي.

 ان موقعي تي ڊاڪٽر ڀرت ايڇ کتري جو چوڻ ھو ته  اڄ منهنجو خواب پورو ٿيو آھي.

هن چيو ته کيس ڪراچي سميت ملڪ جي وڏين اسپتالن ۾ ڪم ڪرڻ جو آڇون ٿيون پر هن کپري  جي عوام جي خدمت ڪرڻ کي اوليت ڏني ……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے