24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: محمد ابراهيم جويو جي هڪ سئو ٽئين سالگراهه ملهائي وئي

Hyderabad: A sixth anniversary of Mohammad Ibrahim Joyo was celebratedحيدرآباد ۾ سنڌ جي وڏي شخصيت محمد ابراهيم جويو جي هڪ سئو ٽئين سالگراهه ملهائي وئي، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن جو چوڻ هو ته محمد ابراهيم جوئي سنڌ اَڏڻ وارو تصور ڏنو، هو وطن ۽ انسان دوست شخصيت هو.

سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري ۾ يادگار ڪميٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل سالگراهه تقريب ۾ شوڪت حسين شورو، قاضي خادم ۽ تاج جوئي سميت ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪري محمد ابراهيم جوئي جو سالگراهه ڪيڪ ڪاٽيو.

تقريب کي خطاب ڪندي ليکڪن ۽ اديبن چيو ته محمد ابراهيم جويو يورپ جي جديد ادب ۽ سياسي اٿل پٿل تي لکيل ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ جي ماڻهن لاءِ تمام وڏو فڪري ڪم ڪيو، هو عقل پسند، سيڪيولر، فڪر جي آزادي ۽ برابري جي حق جو قائل هو.

هنن چيو ته سيڪيولر ازم کي غير مذهب چوڻ غلط آهي، محمد ابراهيم جوئي جي اندر ۾ هڪ معصوم انسان هو، جنهن کي سمجهڻ جي ڪنهن به ڪوشش نه ڪئي.

نامياري ڊرامي نگار ۽ ليکڪ شوڪت حسين شوري چيو ته 20 هين صدي واري سنڌ ۾ تمام وڏا ماڻهو پيدا ٿيا، محمد ابراهيم جويو وڏو مفڪر هو، هن انهيءَ سنڌ لاءِ جاکوڙ ڪئي، جنهن ۾ ننڍ وڏائي جو تصور نه هجي.

نامياري اديب تاج جوئي چيو ته محمد ابراهيم جوئي جو فڪر فنا ٿيڻ وارو ناهي، اهو فڪر دائمي آهي، جوئي جي آباد ڳوٺ کي ست دفعا سنڌوءَ ٻوڙيو، پر اهو ڳوٺ اڄ به قائم ۽ دائم آهي.

تقريب کي شاعر نصير مرزا، ڊاڪٽر دودي مهيري ۽ ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽي سميت ٻين خطاب پڻ ڪيو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

HayatPitafi

نيوز | حيات پتافي: ڳوٺ ڪمان خان ۾ رٿا اڌ ۾ ڇڏي ويل ٺيڪيدار خلاف احتجاج

حيات پتافي ويجهو قديمي ڳوٺ ڪمال خان مشوري ۾ فرش بندي لاءِ آيل 50لک  جي  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے