19 اربع , سيپٽمبر 2018

شيدي ڪميونٽي کي سڃاڻپ ڏيڻ جو ڪريڊٽ بلاول ڏانهن وڃي ٿو: تنزيلا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ روايتي لباس پهري ڌماڪيدار انٽري ڪندڙ تنزيلا قمبراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اقليتن کي حق حاصل آهن ۽ انهن لاءِ اڄ خوشي جو ڏينهن آهي. بدين ضلعي جي شهر ماتليءَ سان واسطو رکندڙ تنزيلا قمبراڻي پ پ طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ تي ڪامياب ٿي آهي. حلف کڻڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته منهنجي سڃاڻپ حقيقت ۾ شيدي ڪميونٽي جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو زرداري ڏانهن وڃي ٿو. تنزيلا قمبراڻي موجب جيڪڏهن ائين چئجي ته پ پ چيئرمين شيدين کي اهو اعزاز ڏياريو آهي ته ڪجهه غلط نه هوندو، ان ۾ ڪو تضاد ناهي ته پاڪستان ۾ سمورن اقليتن کي حق حاصل آهن، اڄ سموري شيدي برادري لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، شيدين کي پاڪستان ۾ زمين به ملي ۽ عزت به ملي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے