26 اربع , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف سان چيني جنرل جي ملاقات، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چين جي پيپلز آرمڊ پوليس فورس جي سربراهه آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪري علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب چين جي پيپلز آرمڊ پوليس فورس جي سربراهه جنرل وينگ ننگ جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جن هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد سان ملاقات ڪري علائقائي سيڪيورٽي ۽ پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چين جي آرمڊ پوليس جي ڪمانڊر خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي ڪوششن کي ساراهيو. جنرل وينگ ننگ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سيڪيورٽي ٽريننگ ۽ تجربن جي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان به دلچپسي ظاهر ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے