23 آچر , سيپٽمبر 2018

تڪڙو فيصلو نه ڪيوسين ته آمريڪا، ڀارت سان گڏجي پاڪستان کي سبق سيکاري ڇڏيندو: بچاءَ وارو نگران وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري نگران وزير خالد نعيم لوڌي چيو آهي آمريڪا واضح ڪري ڇڏيو ته کيس پاڪستان سان گڏ ناهي هلڻو. اسلام آباد ۾ آزادي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي خالد نعيم لوڌي چيو ته آمريڪا اڃا تائين اسان جو هوائي ۽ زميني رستو استعمال ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ذريعي افغان طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي اميد رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته آمريڪا، پاڪستان خلاف 5، 6 قدم کڻي چڪو آهي، اسان تڪڙو فيصلو نه ڪيو ته آمريڪا، ڀارت سان گڏجي 5 ورهين ۾ پاڪستان کي سبق سيکاري ڇڏيندو. هن چيو آمريڪا واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان نه گڏ ناهي هلڻو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے