25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

قومي اسيمبلي جون 8 ۽ صوبائي اسيمبلين جون 5 سيٽون خالي قرار

Badin: Protest against water shortage, Police stick chargeاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 8 ۽ صوبائي اسيمبلين جون 5 سيٽون خالي قرار ڏئي ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ حلف برداري کانپوءِ ميمبرن طرفان ڇڏيل سيٽن بابت تفصيل جاري آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب اين اي 35 بنون، اين اي 53 اسلام آباد، اين اي 63 راولپنڊي، اين اي 65 چڪوال، اين اي 69 گجرات، اين اي 124 لاهور، اين اي 131 لاهور ۽ اين اي 243 ڪراچي خالي قرار ڏنيون ويون آهن. اي سي پي موجب غلام سرور اين اي 59 تان حلف کنيو ۽ اين اي 63 سان استعيفيٰ ڏني. پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جي سيٽ پي پي 30 پاڻ وٽ رکي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن اين اي 65 ۽ 69 تان استعيفيٰ ڏني. اين اي 124 تان حمزا شهباز استعيفيٰ ڏني ۽ عمران خان اين اي 35، 53، 131 ۽ 243 تان استعيفيٰ ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي سيٽن پي پي 164 ۽ پي پي 165 تان استعيفيٰ ڏني، علي امين گنڊاپور پي ڪي 97 تان هٿ کنيو، جڏهن ته امير حيدر هوتي پي ڪي 53 ڇڏي. اهڙي ريت خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ پي ڪي 61 ۽ پي ڪي 64 تان استعيفيٰ ڏني آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے