19 اربع , سيپٽمبر 2018

عيدالضحيٰ تي 5 اسپيشل ريلون هلائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي عيدالضحيٰ جي موقعي تي 5 اسپيشل ريلون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ريلوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر محمد آفتاب اڪبر جي منظوري کانپوءِ اسپيشل ريلن جو شيڊيول به جاري ڪيو ويو آهي. شيڊيول موجب پهرين عيد اسپيشل ٽرين 19 آگسٽ تي ڪراچي کان صبح 10 وڳي پشاور لاءِ رواني ٿيندي، جڏهن ته ٻي عيد اسپيشل ٽرين 19 آگسٽ تي صبح 7 وڳي ڪوئيٽا کان راولپنڊي ويندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽين اسپيشل ٽرين 20 آگسٽ واري ڏينهن 11 وڳي ڪراچي ڪينٽ کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي، اهڙي ريت چوٿين ريل 21 آگسٽ تي راولپنڊي کان صبح 7 وڳي ملتان ويندي، جڏهن ته پنجين اسپيشل ٽرين عيد جي چوٿين ڏينهن 25 آگسٽ تي ملتان ڪينٽ کان صبح 7 وڳي راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ اڄ پهرين ذوالحج آهي ۽ عيدالضحيٰ 22 آگسٽ تي ملهائي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے