20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٽنڊو محمد خان : ڳوٺاڻن جو اڳوڻي آءِ جي، جي مئنيجر خلاف احتجاج

Tando Mohammad Khan: Protest against the old man of the villagers*ٽنڊي محمد خان ۾ڳوٺاڻن پاران اڳوڻي آءِ جي، جي مئنيجر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ دلو ديرو جي اڪبر، قاسم ۽ انور خاصخيلي سميت ٻين ڳوٺاڻن بااثر مينيجر خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن چيو ته بااثر مينيجر سندن گهرن تي چڙهائي ڪري مٿن تشدد ڪيو آهي ۽ کين لڏي وڃڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

هنن چيو ته هو غريب آهن، ٻني ٻارو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي اباڻي ڪکن ۾ ڪيترن ئي سالن کان رهن پيا، پر لڏائڻ لاءِ بااثر کين ڌمڪائي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته 4 نوجوان سخت زخمي ڪيا ويا آهن، ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ پڻ کين ڌمڪيون ملن پيون، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثر مينيجر خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ڏين…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hala: Tribute to the martyrs of Karbala

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

هالا: ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے