19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ: پوليس ڪارروايون، مختلف ڪيسن ۾ گهربل 8 جوابدار گرفتار

Kandhkot police karrvayvn, wanted in different cases and arrested 8 suspects*ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ڪارروايون ڪري مختلف ڪيسن ۾ گهربل 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا.

پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري ڏوهاري عرفان عالماڻي سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ چوري واريون موٽرسائيڪلون هٿ ڪيو ويون‏، موٽرسائيڪل مالڪن کي واپس ڪيون ويون، جڏهن ته هڪ جوابدار عرفان عالماڻي کانسواءِ ٻين جوابدارن جا نالا ظاهر نه ڪيا ويا.

ڪاررواين بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي رٽائرڊ ڪيپٽن حيدر رضا چيو ته ضلعي جي پوليس ڏوهارين سان مقابلو ڪندي ڪاميابيون ماڻيون آهن، هاڻي ضلعي امن امان واري صورتحال آهي.

هن چيو ته شهر جي مختلف چوڪن وٽان ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون مالڪن کي واپس ڪيون ويون آهن ۽ موٽرسائيڪلون ڦر ۽ چوري ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن تي ڦر، ڌاڙن، چورين سميت مختلف قسمن جا ڪيس داخل آهن، ڪنهن به ڏوهاري کي بخش نه ڪيو ويندو ۽ ضلعي ۾ مڪمل امن بحال ڪرايو ويندو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Tandojan Muhammad: Family members are behind us after marriage, Need protection: Couple

نيوز: ٽنڊوجان محمد: نڪاح بعد مائٽ سندن ويري بڻجي ويا آهن، تحفظ ڏنو وڃي:جوڙو

*ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي دانهيو آهي ته نڪاح بعد مائٽ سندن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے