18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

جعلي اڪائونٽس ڪيس: انور مجيد سميت سمورين ڌرين کي پيش ٿيڻ جي هدايت

Karachi: Feudal locked school and captured its landاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار اومني مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي ۾ ڪم جا ماڻهو گهرجن، نواز شريف واري جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ وارن کي داٻي لاءِ رکيو ويو هو. چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ اربين رپين جي ٽرانزيڪشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڊي جي ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته جاچ ۾ وڌيڪ 15 اڪائونٽس سامهون آيا آهن جنهن ۾ 6 ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي. چيف جسٽس چيو ته اربين رپيه جعلي اڪائونٽس ۾ ڪٿان آيا ۽ پئسا جعلي اڪائونٽس مان ڪٿي ويا. اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد جي وڪيل چيو ته اسان ٽرائل ڪورٽ ۾ سموري ٽرانزيڪشن جو حساب ڏينداسين. ٻڌڻي دوران مدني ٽي وي جو ملازم عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته اسان جو اومني گروپ سان ڪو به تعلق ناهي، سندن اڪائونٽ ۾ 80 ڪروڙ ڪٿان آيا ڪابه خبر ناهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته گذريل جي آءِ ٽي ۾ ڪير هئا، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 6 آفيسر هئا جنهن ۾ آءِ ايس آءِ جو برگيڊيئر نعمان به شامل هو. چيف جسٽس چيو ته اهي داٻي لاءِ رکيا ويا هئا، ڇڏيو آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ وارن کي،اسان کي ڪم وارا ماڻهو گهرجن. هن چيو ته اڄ اسان کي گاريون ڏيندڙ پنهنجو موقف پيش ڪندا، عدالت جي بي حرمتي ڪن ٿا، اليڪشن ڪميشن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي اسلام آباد پوليس به پنهنجو جواب ڏي، پاڪ ناپاڪ پئسا جي پڇاڻي تي ايترو گوڙ ڪيو ويو، اچي ٻڌايو ته پئسو پاڪ آهي يا وري ناپاڪ آهي.  سندس چوڻ هو ته ڪيس جي شاهدن کي هيسايو ويو، پوليس شاهدن کي هيسائيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته هيسائڻ واري معاملي جي رپورٽ ڪهڙي آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جڏهن به ايف آءِ اي گهرائيندي هو حاضر ٿي ويندا. هن چيو ته آصف زرداري 11 سال جيل ڀوڳيو آهي، پ پ هميشه عدالتن جي عزت ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته وڏو جلوس ڪڍي مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان وڪيلن کي ٻڌي جي آءِ ٽي بڻائڻ جو حڪم ڏئي سگهون ٿا، ماڻهو وري چوندا ته عدالت جي آءِ ٽي نه ٿي ٺاهي سگهي. هن چيو ته پاناما طرز جي جي آءِ ٽي ٺاهيون ٿا جنهن ۾ واجد ضياءَ ۽ سندس ٽيم هجي. ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته پڪ سان چون ٿا ته رشوت جا پئسا جعلي اڪائونٽس ۾ وڌا ويا. اومني گروپ جي وڪيل چيو ته اومني گروپ جو سمورو پئسو قانوني آهي، جنهن جي آڊٽ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته جي آءِ ٽي جي 60 صفحن جي رپورٽ ۾ ڪٿي به رشوت يا بدعنواني ثابت نه ٿي آهي. سپريم ڪورٽ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي 15 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي انور مجيد سميت سمورين ڌرين کي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان عارف علوي کي صدر نامزد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے