18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

اليڪشن 2018 جي ووٽ جو ليکو

يوسف سيف

25 جولاءِ 2018ع تي ملڪ جي يارهين چونڊ ٿي، اليڪشن 2018ع لاءِ سموري ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 10 ڪروڙ 59 لک 55 هزار 409 هو. مختلف ذريعن کان مليل انگن اکرن مطابق 5 ڪروڙ 47 لک 78 هزار 946 ووٽرن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي (اهو 51.7 سيڪڙو ٿئي ٿو.)

چونڊ نتيجن ۾ سڀني کان وڌيڪ ووٽ پاڪستان تحريڪ انصاف مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ 68 لک 51 هزار ووٽ حاصل ڪيا. اهڙي طرح سراسري طور تي 100 ووٽرن مان 31 ووٽرن پي ٽي آءِ کي ووٽ ڏنا. ٻيو نمبر آيل پارٽي مسلم ليگ نواز آهي، جنهن جي حق ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 96 هزار ووٽرن ووٽ وڌا آهن. ان لحاظ سان سراسري طور تي 100 ووٽرن مان 23 ووٽ ان پارٽي جي حق ۾ ويا. ٽيون نمبر پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي، جنهن مجموعي طور تي 69 لک هڪ هزار ووٽرن جو اعتماد حاصل ڪيو آهي. جنهن جو مطلب ته 100 ووٽرن مان 12 ووٽرن پ پ کي ووٽ وڌا آهن. انهن ٽنهي پارٽين کانپوءِ چوٿين نمبر تي آزاد اميدوارن جي ڀيٽ ڪبي ته ٻي ڪابه پارٽي آزاد اميدوارن کي مليل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ حاصل نه ڪري سگهي آهي. سمورن آزاد اميدوارن مجموعي طور تي 60 لک 18 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، جنهن مان مراد آهي ته 100 مان 11 ووٽ آزاد اميدوارن کي مليا آهن. انهن 11 سيڪڙو آزاد اميدوارن جي ووٽرن ڪنهن به سياسي پارٽي تي اعتماد جو اظهار نه ڪيو آهي. ان کانپوءِ پنجين نمبر تي مذهبي پارٽين جو اتحاد متحده مجلس عمل جو آهي، جنهن سموري ملڪ مان مجموعي طور تي 25 لک 61 هزار ووٽ حاصل ڪيا. ڇهين نمبر تي به حيرت انگيز طور تي ڪجهه سال اڳ قائم ٿيندڙ مذهبي سياسي پارٽي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان آهي جنهن 22 لک 31 هزار ووٽ حاصل ڪيا. ان لحاظ سان 100 مان 4.6 ووٽرن ايم ايم اي ۽ 100 مان 4 ووٽرن ٽي ايل پي تي اعتماد ڪيو آهي. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي نالي سان ووٽن ۾ حصو وٺندڙ اتحاد جي اميدوارن تي مجموعي طور 12 لک 57 هزار ووٽرن اعتماد ظاهر ڪيو آهي. 100 مان 2.3 ووٽرن انهن کي ووٽ ڏنا آهن. عوامي نيشنل پارٽي مجموعي طور تي 8 لک 28 هزار ووٽ حاصل ڪري سگهي. جنهن جو مطلب ٿيو ته 100 ووٽن مان 1.5 ووٽ ان جي کاتي ۾ پيا. ايم ڪيو ايم 7 لک 72 هزار ڪل ووٽ حاصل ڪري سگهي. ان لحاظ سان 1.3 ووٽرن جو اڃابه ايم ڪيو ايم تي اعتماد آهي. مسلم ليگ (ق) مجموعي طور تي 5 لک 15 هزار ووٽ حاصل ڪيا. ٽاپ ٽين ۾ مسلم ليگ (ق) آخري نمبر تي آهي جنهن کي سراسري طور تي ووٽ وجهندڙن 100 ووٽرن مان هڪ ووٽ ان پارٽي جي حق ۾ پيو آهي.

ليکو ڪجي ٿو ته ڪل ووٽ جيڪي پيا آهن، انهن مان 69 سيڪڙو ووٽرن پاڪستان تحريڪ انصاف کي ووٽ نه ڏنا آهن. 77 سيڪڙو ووٽرن مسلم ليگ (ن) کي ۽ 82 سيڪڙو ووٽرن پ پ کي ووٽ نه ڏنا.

ڪراچي ۾ ووٽرن ڪهڙو ڦيرو کاڌو:

1988ع وارين چونڊن ۾ ڪراچي جي ووٽرن شهري علائقن ۾ هڪ نئين جماعت مهاجر قومي موومينٽ کي ووٽ ڏئي مٿن اعتماد جو اظهار ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ جي اهم شهرن تي وڏي رٿابندي سان اردو ڳالهآءِندڙن پنهنجن تڪن لاءِ ووٽر آباد ڪيا. اهو سلسلو مختلف طريقن سان هن وقت تآءِن هلندڙ آهي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه جي شهري علائقن مان ماضي ۾ مهاجر قومي موومينٽ (جنهن بعد ۾ نالو بدلآءِ متحده قومي موومينٽ رکيو هو) جا حامي ووٽر رهيا. ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرن کي سنڀالڻ وڌيڪ آسان رهيو آهي تنهن ڪري شهرن ۾ رهندڙ اردو آباديءَ ڪراچي کي ايم ڪيو ايم جو هيڊ ڪوارٽر سمجهي ان سان باقي شهرن ۾ رهندڙ اردو ڳالهآءِندڙ آباديءَ کي جوڙي ۽ سلهاڙي رکيو. جنهن ڪري هو هر حڪومت سان رسندا پرچندا ۽ پنهنجا مفاد حاصل ڪندا رهيا. مرڪز ۾ رهندڙ هر پارٽي لاءِ ايم ڪيو ايم جا ووٽ فيصلائتا رهيا. سنڌ جي هر حڪومت سان پڻ ايم ڪيو ايم حصيدار رهي. ان هوندي به شهرن جا حقيقي مسئلا حل نه ڪرايا، شهري سهولتون عام شهرين کي نه ملي سگهيون.

اليڪشن 2018ع ڪيتري شفاف هئي يا نه هئي، اهو جدا بحث آهي پر هن وقت تآءِن جي سامهون آيل نتيجن ۾ ڪراچي شهر جي عام ووٽرن ايم ڪيو ايم کان بيزاري جو اظهار ڪيو آهي يا هنن ووٽ ئي نه ڏنو آهي. 22 آگسٽ 2016ع واري ڏينهن ايم ڪيو ايم اڳواڻ جي تقرير ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال ايم ڪيو ايم کي ووٽن واري حساب ڪتاب سان پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. متحده جو ووٽ جيڪو قومي سطح تي ٽئين نمبر تي هو اهو هاڻي گهٽجي وڃي تري سان لڳو آهي.

هاڻوڪين چونڊن ۾ ڪراچي ۾ آباديءَ جي واڌ ڪري قومي اسيمبلي جون 20 مان وڌآءِ 21 سيٽون ڪيون ويون هيون ۽ صوبآءِ اسيمبلي جون سيٽون هينئر 44 ڪيون ويون. ڪراچي شهر ۾ ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 82 لک آهي. انهن مان 32 لک ووٽ پيا آهن. ساڍا 48 لک ووٽ پيا ئي ناهن. (2013ع ۾ ايم ڪيو ايم ڪراچي مان قومي اسيمبلي جون 17 سيٽون کنيون ۽ 20 لک ووٽ حاصل ڪيا هئا) هاڻوڪي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي کاتي ۾ 6 لک 14 هزار ووٽ پيا.

ڪراچي ۾ پيل ووٽن يعني 32 لک کن ووٽن جو ليکو چوکو هيئن ٿو ٿئي ته انهن مان 10 لکن کان وڌيڪ ووٽ عمران خان جي پاڪستان تحريڪ انصاف حاصل ڪيا. باقي ٻين پارٽين ۾ ورهائجي ويا. جنهن ۾ دلچسپ صورتحال هي آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان ڪراچي جي سطح تي ٽين وڏي پارٽي طور سامهون آءِ آهي جنهن 3 لک 80 هزار ووٽ کنيا آهن. متحده مجلس عمل جي اتحاد ڪراچي مان 3 لک 82 هزار ووٽ کنيا. اڳوڻي سپاهه صحابه جي حمايت رکندڙ راهه حق پارٽي ڪراچي مان 27 هزار ووٽ کنيا. حافظ سعيد جي جماعت الله اڪبر تحريڪ (ملي مسلم ليگ) 5 هزار 300 ووٽ کنيا ۽ سني تحريڪ ڪراچي ۾ 2 هزار 395 ووٽ خراب ڪيا. انهن ننڍن سياسي گروپن کانسواءِ قومي سطح جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پاڪستان پيپلز پارٽي لڳ ڀڳ 4 لک ووٽ حاصل ڪيا ۽ مسلم ليگ (ن) 2 لک 61 هزار ووٽ حاصل ڪيا.

ڪراچي ۾ عرصي کان سياست ڪندڙ جماعت اسلامي جي سرواڻي ۾ قائم اتحاد متحده مجلس عمل قومي اسيمبلي جي 21 سيٽن مان 20 تي اميدوارن کي بيهاريو هو. ان جي ڀيٽ ۾ نئين جڙيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان لڳ ڀڳ شهر جي هر قومي ۽ صوبآءِ سيٽن تي اميدوار بيهاريا ۽ ڪيترين ئي سيٽن تي مقابلي وارا ووٽ کنيا آهن. لياري مان صوبآءِ اسيمبلي جون 2 سيٽون به حاصل ڪيون (هڪڙي سيٽ جو اڃا حتمي فيصيلو ٿيڻو آهي).

ڪراچي شهر کي جنم ڏيندڙ وسندي لياري جي اين اي 246 جي صورتحال گهڻن کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون جتي تحريڪ انصاف جي اميدوار 52 هزار 750 ووٽ کنيا. تحريڪ لبيڪ اميدوار 42 هزار 345 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو جڏهن ته پ پ اڳواڻ بلال ڀٽو 39 هزار 325 ووٽ حاصل ڪري ٽئين نمبر تي آيو.

عوامي نيشنل پارٽي 2008ع جي چونڊن ۾ ڪراچي مان ٻه صوبآءِ سيٽون حاصل ڪيون هيون. هاڻوڪي چونڊن ۾ شهر جي 11 قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اميدوارن کي بيهاريو هو جنهن ڪل ملآءِ صرف 21 هزار 130 ووٽ کنيا.

هاڻوڪين چونڊن ۾ قومي سطح تي جدت پسندي ۽ تبديلي جي نعري وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، قومي سطح جي ٻن وڏين پارٽين مان پ پ پ گذريل چونڊ نتيجن جي ڀيٽ ۾ گهڻو نه وڃايو آهي. پر مسلم ليگ (ن) جو ووٽ گهڻو ڪريو آهي يا ڪيرايو ويو آهي. ساڳي صورتحال سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي رهي آهي. مذهبي ڌرين ۾ به ايم ايم اي کي نقصان پهتو آهي ان جي ڀيٽ ۾ نوان گروپ ۽ نيون پارٽيون اڀريون آهن يا اڀري رهيون آهن ووٽن جي اهڙي لاڙي کي ڏسندي هر سياسي ڌر کي هاڻي پنهنجي پروگرام کي پکيڙڻ لاءِ موزون حڪمت عملي ٺاهڻ ۽ عملي طور تي عوام سان رجوع ڪرڻ گهرجي. ووٽن جي هاڻوڪي امتحان جي نتيجن کي ڏسندي به سياسي ڌرين پنهنجو خود تنقيدي جائزو نه ورتو ته پوءِ ايندڙ پنجن سالن بعد نوجوانن جا نوان داخل ٿيندڙ ووٽ ته هنن جي کاتي ۾ نه ويندا، بلڪه هاڻوڪن ووٽرن جو اعتماد پڻ ختم ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے