18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

سعودي عرب تي حوثي باغين جا مزآئيل حملا

غلام مصطفيٰ جمالي

يمن جنگ ۾ حوثي باغين جي بغاوت سعودي جي لاءِ خطرناڪ صورت اختيار ڪري ورتي آهي.جڏهن ته ايران سڀ ڪجهه اکين سان ڏسندي خاموش ۽ ماٺ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته حوثين پاران سعودي عرب جي علائقي نجران تي ميزائلن سان حملو ڪيو جنهن سان ڪيتريون ئي بيگناهه زندگيون موت جو کاج بڻجي ويون،جڏهن ته پاڪستان جي پارليمنٽ جي منظور ڪيل ٺهراءُ جو جائزو وٺنداسين جنهن ۾ چيو ويو آهي جيڪڏهن سعودي تي ڪنهن ملڪ کان  جنگي خطرو آهي ته انهي ڏس ۾ پاڪستان سعودي عرب جي ڀرپور مالي توڙي عڪسري مدد ڪندو.؟ انهي ڪري هن وقت حوثي باغين پاران سعودي عرب جي علائقي نجران تي جيڪو ميزائلن سان حملو ڪيو آهي انهي حملي ڪري پاڪستان کي سعودي عرب جي مدد ڪرڻ گهرجي پر افسوس آهي ته پاڪستان ۾ اهڙي ڪا چرپر ڏسڻ ۾ نه پئي اچي هن وقت پوري دنيا جي مسلمان ملڪن جي مالي بحران جو جائزو وٺنداسين ته گهڻي ڀاڱي انهي مالي بحران جي ڊوڙ ۾ مالي بحران جي رستن تي پيرن جا نشان ايران جا ئي نظر اچي رهيا آهن ايران هڪ طرف مغربي ملڪن سان تعلق بهتر ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي ٻئي طرف سندس عرب ملڪن سان لاڳاپا تمام گهڻي حد تآءِن خراب ٿي رهيا آهن، اهڙا اثر عرب ملڪن ۾ سعودي عرب،عراق،يمن خليج بحرين،۽ لبنان ۾ واضع ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن انهن ملڪن سان ايران جو سياسي سرگرميون تيل ۽ هٿيارن ۽ مذهبي رويو بهتر نه هجڻ ڪري پوري خطي ۾ خطري جون گهنٽيون وڄي رهيون آهن.ايران جون عرب دنيا سان ناراضگيون پراڻيون آهن جنهن جي جو مُڱ سبب ايران جي حڪمراني پاليسيون آهن،

ايران پنهنجي پاليسن سان جيڪو انقلاب آڻڻ ٿو چاهي اهڙي ڪوشش ايران پاڪستان سان به ڪئي هئي جنهن تحت پاڪستان اندر هڪ جنوني فرقيواريت جنگ شروع ٿي هئي ۽ ڪيترا سال پاڪستان انهي فرقيواريت جنگ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو هو ۽ جنهن ڪري پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏنو ايران پاڪستان اندر هڪ گروپن جي مدد وٺي ڪري فرقيواري جنگ ڪرآءِ پر انهي عمل مان ايران کي ڪجهه به نه حاصل ٿيو.هن وقت وري سعودي ۽ ايران جي وچ ۾ اختلاف تيز ٿي ويا آهن پر اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه ته ڪنهن وقت جڏهن رياض ۽ تهران جي وچ ۾ صدر صدام حسين جي ڪويت تي چڙهآءِ سان انهن مسئلن جو عمل سامهون آيو ان موقعي تي ايراني صدر رفسنجاني سان هڪ معاهدو طعي ٿيو جنهن سان ٻه طرفيون ناراضگيون ختم ٿيون پر اهو معاهدو صرف پنج سال هلي سگهيو عرب ملڪن جو اهو موقف آهي ته ته ايران جو جارح ايجنڊا انهن لاءِ خطرناڪ آهي ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ايران سنڌوسنئون شام جي لڙآءِ ۾ اندورني طرح انهي لڙآءِ جو حصو آهي جڏهن ته عراق اندر جنگ ۾ سندس حمايت واضع ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جهڙي لبنان ۾  جنگ جاري  آهي،يمن غزه،بحرين، ۾ جارحيت جاري آهي جڏهن ته سوڊان اندر به سندس موجودگي آهي جڏهن ته  صدر عمرالبشير جو چوڻ آهي ته ايران سان لاڳاپيل معاملا پڻ  بند ڪري ڇڏيا آهن اهوسڀ ڪجهه انهي ڪري ٿيو ته ايران پنهنجي ارادن کي درست ناهي ڪيو جڏهن ته ايران عرب ملڪن اندر پنهنجي اتحادي جي مسلسل مدد ڪري رهيو آهي جنهن تي عرب ملڪن کي سخت اختلاف آهن انهي ڪري ايران پاران پنهنجي اتحادين جي مدد ڪرڻ کي پاڻ لاءِ خطرو سمجهي رهيا آهن يمن سياسي ۽  سماجي لحاظ کان سعودي عرب جي تمام ويجهو آهي، انهي ڪري حوثي باغين جو سعودي عرب عرب مٿان حملو نه صرف سعودي لاءِ خطرناڪ آهي پر اتي پوري خطي لاءِ تمام گهڻا خطرناڪ اثر ڇڏيا آهن ايران جيڪو هن وقت پوري معاملي کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيو آهي پر ايران هميشه هڪڙي اهڙي سوچ تحت پنهنجي اتحادين سان گڏجي اسلامي ملڪن کي ڪمزرو ڪرڻ جون ڪوششون ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪندو ٿو اچي، ايران اسلامي ملڪن جي انهن اتحادين جي مدد ڪندو آهي جيڪي اسلامي ملڪن جي اندر حڪومتن سان بغاوت ڪري وٺندا آهن.هن وقت حوثي باغي يمن جي حڪومت کان مڪمل بغاوت ڪري يمن ۾ گهرو ويڙهه ڪري يمن ۾ ڪيترا بي گناهه انسان انهي جنگ ۾ موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن جڏهن ته سعودي عرب يمن جي صدر کي پناهه ڏني ته يمن ۾ موجود حوثي باغين مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا حوثين باغين به جواب جو سعودي عرب مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪيا انهي ڏي وٺ  ۾ ايران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪو ٺاهه ڪرائن بجاءِ يمن ۾ موجود حوثي باغين جي مدد  ڪرڻ لڳو جنهن ڪري حوثي باغين کي هڪ ملڪي حمايت ۽ عسڪري طاقت ملي جنهن عسڪري طاقت ملڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته اڄ انهي حوثين باغين جي ميزائن جي حملي ڪري  سعودي جي عوام  کي بيگناهه ماري ڇڏيو آهي جنهن ڪري پاڪستان به انهي ٻه واٽي تي اچي ٻيٺو آهي ته هو ڇا ڪري ڪنهن جي مدد ڪري ۽ ڪنهن کي ناراض ڪري جڏهن ته پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ هجڻ سان هڪ فرقيواريت جي ڌٻڻ ۾ پڻ ڦاٿل آهي ۽ پاڪستان ۾ ايران جي حمايتي عوام ۽ سعودي عرب جي حمايتي عوام جي تمام گهڻي اڪثريت آهي جنهن ڪري پاڪستان ڪو قدم کڻڻ کان پهرين اهو ضرور سوچي رهيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سعودي جي عسڪري مدد ڪري ٿو ته ڇا پاڪستان اندر فرقيواريت جنگ ته نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن پاڪستان مدد نه ٿو ڪري سعودي اتحادي به پاڪستان اندر انهي ڳالهه کي سامهون رکي ڪري مطالبا ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته پاڪستان هن وقت مختلف مسئلن جي گهيري هيٺ آيل آهي، انهي وچ ۾ پاڪستان کي ڪو فيصلو ڪرڻ مشڪل ضرور لڳي رهيو آهي پر پا ڪستان کي ڪو هڪ طرفو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو ته پاڪستان حوثي باغين واري جنگ ۾ سعودي جو ساٿ ڏي يا نه ڏي.جڏهن ته انهي ڊوڙ ۾ ايران هميشه انهن گروپن جي مدد ڪندو آهي جيڪي گروپ حڪومت کان باغي هوندا آهن انهي ڪري حزب الله جي مدد ڪري لبنان جي حڪومت کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي جڏهن ته لبنان حڪومت ايران جي ڪا به مخالف نه ڪري رهي آهي فلسطين ۾ حماس جي مدد ڪري رهيو آهي جڏهن انهن به ايران جي ڪا مخالف ناهي ڪئي ايران يمن اندر حوثي باغين جي مدد ڪري يمن کي ڪمزور ڪري رهيو آهي جڏهن ته يمن جا ايران سان تعلق ايترا خراب نه هئا بطور صدر علي عبدالله صالح جي ايران سان تعلق بهترهئا.انهي ڪري سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي جتي پاڻ ايران کي چئي رهيا آهيون ته هو يمن ۾ حوثي ٻاغين جي سعودي تي حملا ڪرڻ کان روڪي اتي سعودي ڇو نه پيو ايران کي چوي.؟هن وقت ڀارت ايران سان چاربهار بندر گاهه جي تعمير جو ٺاههُ ڪري رهيو آهي ٻئي طرف ايران خليجي عرب رياستن سان جنگ واري ڪيفت ۾ آهي ۽ ڀارت ايران سان تجارت ڪرڻ جي بحالي جو سوچي ورتو آهي جهن ڪري هو ايران اندر بندرگاهه تعمير ڪرائڻ جو ٺاههُ ڪري رهيو آهي انهي ڪري سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پاڪستان انهي ڏس ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ٿو ڪري انهي ڪري پاڪستان عوام پڻ اسلامي ملڪن تي باغين جي حملي ڪرڻ جي ڪري سخت پريشان آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے