18 ڇنڇر , آگسٽ 2018

صحت مند زندگيءَ جي ضمانت ”يوگا “

حفيظ چانڊيو

زندگيءَ ۾ لاتعداد شين جي حاصلات جي ڊُڪ ڊوڙ ته ماڻهوءَ کي ٿڪايو وجهي، اهڙي وٺ وٺان توڙي ذهني ٿڪاوٽ ماڻهن کان سندن دلي سڪون ئي لٽي،کين بي سڪونيءَ جي اهڙي عالم ۾ ڦٽو ڪري وجهندي آهي، جنهن مان هو چاهيندي به، ناهن نڪري سگهندا. هو پل پل جيئيندا ۽ مرندا آهن، سماج ۾ ٿيندڙ اٿل پٿل ۾ سندن ايڏي دلچسپي ناهي رهندي، مٿن بي سڪونيءَ واري ڪيفيت حاوي رهندي آهي، ۽ کانئن صحت موڪلآءِ ويندي آهي ۽ بيماريون وٽن ڪنهن افغاني ۽ برمين جيان مستقل گهر ڪري ويهي رهنديون آهن ۽ سماجي طور هو اڪيلآءِءَ جو شڪار ٿي ويندا آهن، اڪيلآءِءَ کين گهمندڙ ڦرندڙ هڪ زندهه لاش بڻآءِ سندن لاتعداد سپنن کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيندي آهي، اهڙي عالم ۾ همٿ ۽ حوصلي جي علامت بڻيل الآءِ ڪيترآءِ ماڻهو هيڻا ۽ ڪمزور بڻجي جمود جو شڪار ٿي ويندا آهن، سماج جي تبديلي لاءِ تڙپندڙ روح آخري هڏڪين ۾ موت جو انتظار ڪندو رهندو آهي. هر ماڻهو خوشحال ۽ صحتمند جيون جي سڌ رکندو آهي، هڪ مشهور چوڻي آهي ته“صحت هزار نعمت آهي”، صحتمند رکڻ جي لاءِ مختلف ورزش جي مدد حاصل ڪجي، يوگا به ورزشن مان هڪ اهڙي ورزش آهي، جنهن جي چند آسڻن بعد ماڻهوءَ منجهه پيدا ٿيل ڊپريشن، بلڊ پريشر توڙي شگر جي ليول ڪنٽرول ۾ اچي، ماڻهن کي صحتمند رکي منجهن بهتر معاشري اڏڻ واري خواهش کي حقيقي روپ پسآءِندي آهي.

“يوگا” سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي سادي لفظن ۾ معنيٰ جسم ۽ روح کي مشڪن مان گذري، هڪٻئي سان گهرو ڳانڊاپو پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو آهي، آءِن چئجي ته جسماني، ذهني ورزش انسان جي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ نهايت لازمي آهي،جيڪا سندن بي قراري جو خاتمو آڻي، سندن روح جي رڳن کي ساز جيئن وڄآءِ، کين مي رقصم بڻايو ڇڏي. هن پوسٽ مارڊرن دور ۾ مصروفيتن ، ڪم ڪارين ، ذهني دٻاءَ انسان کي بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، اهڙيءَ صورتحال سبب هر  ٻيو ماڻهو اوهان جهڙوڪ مريض ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪا هڪ حيرتناڪ حقيقت پڻ آهي.

صحتمند رهڻ جي لاءِ يوگا ڪرڻ انتهآءِ لازمي آهي، ڀلا جيڪڏهن پاڻ روزمره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شين تي ٿورو ڌيان ڏيون ته ان شيءِ جو بخوبي اندازو ٿي ويندو ته اسين سڀ پاڻ سان ڪيڏو وڏو ظلم ڪري رهيا آهيون، هن دور ۾ هر اسپتال، ان اسپتالن جا هڙئي شعبا بيمار ماڻهن سان ڳتيا پيا آهن، اسپتالن ۾ ايندڙ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو مسيحائن جا متلاشي آهن، هر انسان صحتمند رهڻ چاهيندو آهي، پر ان جي باوجود پنهنجي اڻ ڄاڻآءِءَ ۾ يا لاپراهيءَ سبب پاڻ کان بي خبر هوندو آهي، ان حقيقت کان شايد ئي ڪو ماڻهو انڪار ڪري ته “هر انسان پنهنجو پاڻ ڊاڪٽر آهي”، ڀلا بيمارين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ايڏو مشڪل ته نه آهي جو ويهي ان تي ملال ٿجي،  روزانو صبح جو پنهنجي ڀرواري باغ ۾ يوگا ڪلب جوائن ڪري، اتي ٿيندڙ مشقن تي محنت ڪري، آهستي آهستي وڃايل صحت کي واپس ته آڻي سگهجي ٿو، هن سيٽلآءِٽ جي زماني ۾ اسين سڀ ٻين سان پيار ته ڪري رهيا آهيون، پر ان ڊڪ ڊوڙ ۾ پاڻ سان پيار ڪرڻ وساريو ويٺا آهيون، هاڻي ضرورت آهي پاڻ سان ٿورڙو پيار ڪرڻ جي، پاڻ سان مخلص ٿيڻ جي، پاڻ سان گڏ سنسار لئه بهتر سوچڻ لاءِ يوگا  کي زندگيءَ جو حصو بڻائڻ جي آهي، جنهن جي ذريعي ڪيترآءِ فائديمند آسڻ سکي، زندگيءَ کي سهل ڪري سگهجي ٿو، جسماني،ذهني توڙي روحاني آسڻ انسان جي زندگيءَ ۾ خوشين جو باعث بڻجي، ٻوساٽيل ماحول ۾ رنگينيون پيدا ڪري، جيئڻ لاءِ اتساهه بخشيندا رهن ٿا،  تاريخ جا ورق اٿلآءِ ڏسبو ته هن قسم جي جي ذهني، جسماني توڙي روحاني ورزش سنڌي ڏاهن ماڻهن جي ايجاد آهي، هي ايجاد ڪنهن ٻاهرين ملڪ مان آيل نه آهي، پر اها سنڌو تهذيب مان مليل اسان لئه هڪ خدآءِ نعمت آهي ، جيڪا لڳ ڀڳ 5 هزار سال ق.م  جي آهي.

اها ڪيڏي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته دنيا جڏهن پائڻ ۽ کائڻ جو طريقو ڳولهي ئي نه لڌو هيو، ته ان وقت سنڌو ماٿريءَ جا ماڻهو شاندار جيون گهاريندا هيا، جنهن جو جيئرو جاڳندو مثال اڄُ به مهين جي دڙي جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهي، مهين جي دڙي جي ماڻهن وٽ پائڻ ، زمين کيڙي ان اُپائڻ کان وٺي ذهني، جسماني توڙي روحاني ورزشن جون ترڪيبون پڻ موجود هيون، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي پئي ته ان وقت جا انسان پنهنجي دور جا ڪيڏا وڏا شاهوڪار ماڻهو هيا، جن نه صرف زندگي ۾ فائدو ڏيندڙ شين جو بنياد وڌو، جنهن مان يوگا پڻ هڪ آهي. اڄُ کان 5 هزار سال پراڻي تاريخ ورجائجي رهي آهي، جيڪا هڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، هونئن به اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي اثاثن جي مالڪي ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به انهن اثاثن کان محروم ناهن رهندا، لاڙڪاڻي شهر جي مختلف باغن جهڙوڪ بختاور، جناح باغ ۽ ميونسپل اسٽيڊيم صبح جو ساجهر مهين جي دڙي مان هٿ آيل يوگا واري ورزش جو عام ٿيڻ ماڻهن کي صحتمند رهڻ جي ضمانت ڏئي کين مبارڪباد ڏيندي ڄڻ ته چوندي هجي ته هو واقعي هڪ مهذب قوم جا مهذب ماڻهو آهن، جيڪي اڄُ به دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملآءِ هلڻ جي همت ۽ حوصلو رکن پيا.

هلندڙ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪپتان کان وزيراعظم تائين

غلام مصطفيٰ کهاوڙ 1992ع ۾  عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ  جي فاتح ڪپتان ڪرڪيٽ کي الوداع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے