22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

۽ عمران خان کان پوءِ…؟

سنڌيڪار: زاهد ميراڻي

ڳالهه اها نه آهي ته عمران خان سياستدان آهي يا نه….، پر اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته عمران خان جي حڪومت هلي سگهندي يا نه، هو ملڪ جو ڪاروهنوار هلائي سگهندو يا نه، عمران خان جي تصور وارو  نئون پاڪستان جڙي سگهندو يا نه.، هي ۽ انهن جهڙا ٻيا به ڪيئي سوال آهن جيڪي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ اڀري رهيا آهن ۽ جواب گهري رهيا آهن.

ملڪ ۾ 25- جولاءِ 2018ع تي ٿيل چونڊن جي نتيجي ۾ عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف نه فقط مرڪز توڙي پنجاب ۾ به وڏي اڪثريت حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌ ۾ به تحريڪ انصاف مجموعي طور تي قومي توڙي صوبائي اسيمبليءَ لاءِ 23- سيٽون حاصل ڪيون آهن، جنهن ڪري سنڌ ۾ به پي ٽي آءِ جي اثرن کي سٺي نموني محسوس ڪري سگهجي ٿو.

قومي اسيمبليءَ جون مجموعي طور تي 342- سيٽون آهن، جن مان 272 جنرل سيٽن تي چونڊ ٿيندي آهي جڏهن ته 60- مخصوص سيٽون آهن، تحريڪ انصاف انهن جنرل سيٽن مان 116 چونڊن ذريعي حاصل ڪيون آهن ۽ تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪي 55 سيٽن جي ضرورت آهي جيڪي آزاد اميدوارن ۽ مخصوص سيٽن جي حاصل ڪرڻ سان پوريون ڪري حڪومت ٺاهي سگهبي، تحريڪ انصاف لاءِ هاڻي مرڪزي حڪومت ٺاهڻ ڪو ايڏو مشڪل نه رهيو آهي، جو تحريڪ انصاف جي هڪ اعلى سطحي اجلاس ۾ پارٽيءَ جي هڪ اڳواڻ شاهه محمود قريشيءَ عمران خان کي ملڪ جي ايندڙ وزير اعظم طور تي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

هن وقت تحريڪ انصاف جي فتح ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلين تي بحث ڪرڻ به فضول آهي پر ايترو سو چوڻ ضروري آهي ته ملڪ جي وسيع تر عوامي حلقن، اڪثر سياسي مبصرن ۽ تجزيا ڪارن  ۽ ملڪ جي وسيع تر مخالف ڌر 25- جولاءِ وارين چونڊن کي بدترين ڌاڌنڌيلن کان به اڳتي “ ووٽ جي چوري“ قرار ڏئي چڪيون آهن، جڏهن ته  بين الاقوامي سطح تي يورپي يونين ۽ ٻين ادارن جي سربراهن پڻ چونڊن جي نتيجن تي ڪجهه هن طرح جو تبصرو ڪيو، “ 25- جولاءِ 2018ع جون چونڊون، 2013ع وارين چونڊن کان به بدترين هيون”. ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي چونڊن متعلق قائم ٿيندڙ اهڙن راين بعد وڌيڪ گنجائش نه ٿي رهي ته ڪو چونڊن جي شفاف هجڻ يا نه هجڻ متعلق ڳالهائجي.

1947ع  کان وٺي 2018ع تائين ملڪ جي قيام کي تقريبا  ڪي 80- سال ٿيندا. مجموعي طور تي انهن 80 –  سالن جي عرصي مان جهڙوڪر 35- سال تائين ملڪ سڌو سنئون آمر حڪمرانن جي ور رهيو ۽ باقي سالن ۾ جيڪي به حڪومتون رهيون آهن اهي به جهڙوڪر نالي ماتر جمهوري رهيون آهن، تان جو نواز شريف جي مسلم ليگ ( ن ) جي حڪومت تائين، ملڪ ۾ رهندڙ جمهوري حڪومتن مان اڪثر ڪري حڪومتون پنهنجا مدا به پورا  ڪري نه سگهيون،

پر جيڪڏهن ان کان ٿورو اڳتي ڏسجي ته هي ملڪ پنهنجي قيام جي اسي سالن دوران پاڙيسري ملڪ سان ٻن جنگين ۾ مصروف رهيو آهي، 80ع جي ڏهاڪي کان وٺي افغان معاملي ۾ ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل آهي، جنهن ڪري اڃان تائين جهڙوڪر جنگ جي صورتحال ۾ آهي، پاڙيسري ملڪ سان ٻن جنگين ۾ ايترا ماڻهو اجل جو شڪار نه ٿيا هوندا جيترا ماڻهو افغانستان جي معاملي دوران مارجي ويا آهن، هڪ اندازي موجب افغان معاملي بعد ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بدامنيءَ جي صورتحال ڪري تقريبا ستر هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو زخمي ٿيا جن مان ڪيئي بعد ۾ فوتين ۾ شامل ٿيندا ويا.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي پارٽيءَ جي سوڀاري ٿيڻ ۽ ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهڻ تائين ملڪي صورتحال جو مجموعي پس منظر ڪجهه هن طرح سان آهي.،

اقتصادي پس منظر

1947ع کان 2008ع تائين ملڪ تي مجموعي طور تي پرڏيهي قرض 6- هزار ارب ڊالر هيو، جيڪو بعد ۾ 2008ع کان 2013ع تائين آصف علي زرداريءَ جي دور ۾ وڌي 13- هزار ارب  ڊالرن تائين پهتو  جڏهن ته 2013ع کان 2018ع تائين نواز شريف جي ملسم ليگ ( ن ) جي حڪومت ۾ اهو قرض وڌي 27- هزار ارب ڊالرن تائين پهتو آهي، جنهن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، مسلم ليگ ( ن ) جي حڪومت ۾ ملڪ تي وڌ ۾ وڌ قرض چڙهيا. هن وقت جيڪو قرض ملڪ تي واجب آهي، ان  حساب سان ملڪ ۾ پيداٿيندڙ هر ٻار ۽ ملڪ ۾ رهندڙ هر ماڻهو 1 لک 30- هزار روپين جو قرضي آهي، پاڪستان جي بدنصيبي اها آهي ته موجود قرضن کي لاهڻ لاءِ قرض ورتو ويندو آهي، جنهن ڪري نه ته ملڪ ۾ ڪا بنيادي انساني ترقي ٿي رهي آهي ۽ نه ئي ملڪ جو سماجي، معاشي يا اقتصادي ڌانچو جڙي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪا ترقي ٿي رهي آهي.

تعليم

ورلڊ بينڪ جي پاڪستان جي تعليم متعلق جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ جي مجموعي جي ڊي پي جو 2 / سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿو، دنيا ۾ تعليم تي خرچ ڪندڙ ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان 172 / نمبر تي اچي ٿو، ملڪ جا 25 – ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ ملڪ ۾ لٽريسيءَ جو تناسب ڪو 57 / سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جي معنى اها آهي ته ماڻهو فقط پنهنجو نالو لکي سگهندو هُجي ان کي پڙهيل لکيل قرار ڏنو ويندو آهي، پاڪستان ۾ جي پوڻا ٻه اربن جي لڳ ڀڳ آبادي 25- سالن جي عمر کان گهٽ وارن فردن جي آهي جن ۾ ڇوڪرون ۽ ڇوڪرا شامل آهن ۽ بدقسمتيءَ سان حڪومت وٽ انهن جي بهتر تعليم ۽ تربيت لاءِ نه ته ڪا منصوبه بندي آهي ۽ نه ئي ڪي وسيلا آهن.

عورتن جي صحت

پاڪستان ۾ عورتن جي صحت ۽ ڳرڀ سميت ڄم دوران عورتن جي مرڻ واقعن واري صورتحال پاڪستان ۾ دنيا جي بدترين ملڪن مان هڪ آهي، پاڪستان ۾ هر سال ڪو 30- هزار عورتون ڄم ۽ ڳرڀ دوران مختلف بيمارين ۾ فوت ٿين ٿيون جنهن جو مقصد آهي ته هر روز ڪي 830 –  عورتون مري رهيون آهن، ڄم دوران عورتن جي مرڻ جو ايڏو وڏو انگ انتهائي ڇرڪائيندڙ ۽ ڪربناڪ آهي، انهن مرندڙ عورتن ۾ وڌ ۾ وڌ مرندڙ عورتن جو تعلق سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻهراڙين ۽ پوئتي پيل علائقن سان آهي، جتي اڃان حڪومت پاران عوام لاءِ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي.

نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح

پاڪستان ۾ نون ڄاول ٻارن جي موت جي شرح دنيا ۾ سڀني ملڪن کان وڌيڪ خطرناڪ حد تائين پهتي آهي، ايتري قدر جو پاڪستان ۾ نون ڄاول ٻارن جي شرع افغانستان ۽ آفريڪين ريپبلڪن ملڪن جهڙي آهي، يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2016ع دوران هڪ سال دوران 2 لک 48 هزار نوان ڄاول ٻار مختلف سبب ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، مري ويل نون ٻارن جو هي انگ اهو آهي جيڪو اسپتالن ۾ رڪارڊ ڪيو ويو آهي جڏهن ته اسپتالن کان ٻاهر ملڪ جي چئني صوبن جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ جيڪي ٻار اجل جو شڪار ٿيا آهن، انهن جو ڪوبه رڪارڊ يا ڳڻپ نه آهي.

پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو

گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام واري کاتي جو چوڻ آهي ته 2025ع تائين ڏکڻ ايشيا جا اڪثر ملڪ خشڪ ٿي ويندا ۽ انهن ملڪن ۾ مشڪل سان پيئڻ جو پاڻي موجود هوندو، جڏهن ته رزاعت لاءِ پاڻي جو هجڻ تقريبن ناممڪن هوندو ۽ پاڪستان ڏکڻ ايشيا جي اهڙن ملڪن ۾ اڳئين صف ۾ آهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ پاڪستان جي استحڪام لاءِ پڻ سنگين خطرو آهي. گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ جيڪا ڳالهه انتهائي اهميت جي حوالي سان چئي وئي آهي اها هيءَ ته، “ پاڻيءُ جي کوٽ پاڪستان لاءِ اسلامي دهشتگرديءَ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي”. پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هڪ اهڙو سنگين مسئلو آهي جنهن تي ملڪي ۽ غير ملڪي ميڊيا ۾ ڪافي بحث ٿيندو رهيو آهي پر تاحال ان جو ڪو حل نڪري نه سگهيو آهي.

پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي صورتحال

پاڪستان ۾ هر ايندڙ ڏينهن زمين هيٺ پاڻيءَ جي ذخيرن ۾ گهٽتائي ايندي پئي وڃي، 1980ع کان في ڪس موجود پاڻي 3000 هزار ڪيوبڪ ميٽرن مان 1200 ميٽرن تائي اچي پهتو آهي، جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته ايندڙ 30- هن سالن ۾ پاڻي جي دستيابي 500 ڪيويڪ ميٽرن تائين وڃي پهچندي جنهن ڪري نه ته پيئڻ جو پاڻي ميسر هوندو ۽ نه ئي زراعت لاءِ پاڻي ملي سگهندو، پاڻي جي ڪميءَ جو شڪار نه فقط پاڪستان آهي پر سڄي دنيا پاڻيءَ جي ڪميءَ جو شڪار آهي.

سي پيڪ جو منصوبو ۽ ڳڻتين جا اظهار

پاڪستان جي ساڃاهه وند ماڻهن جي هڪ وڏي حلقي ۾ اهو تاثر آهي ته “ سي پيڪ” پاڪستان لاءِ هڪ نيئن “ ايسٽ انڊيا ڪمپني ” جي طور تي اڀري رهيو آهي ۽ چين وري پاڪستان لاءِ هڪ ٻي انگريز سرڪار ٿي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾  چين جو هڪ پنهنجي طريقه ڪار آهي، جيڪو چين ڊگهي مدت وارن منصوبن تحت اختيار ڪندو آهي ۽ پنهنجا مقصد ماڻيندو آهي، پاڪستان جي عوام جي ذهنن ۾ اها ڳالهه انتهائي تشويش واري صورتحال اختيار ڪري رهي آهي، جڏهن ته پلانگ اينڊ ڊيولپمينٽ لاءِ سينيٽ جي قائمه ڪميٽيءَ جي چيئرمين سينيٽر طاهر مشهدي پڻ انهيءَ خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان چين کان ورتل رقم چين کي ڪهڙي نموني واپس ڪندو اها ڳالهه ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ٻئي پاسي سي پيڪ جي حوالي سان بلوچستان ۽ سنڌ کي به ڪافي تحفظات آهن، جن جي خلاف بلوچستان ۽ سنڌ مان اظهار ٿيندو رهندو آهي.

سرحدن تي غير يقينيءَ واري صورتحال

25- جولاءِ 2018ع جي چونڊن ۾ چئن بم ڌماڪن جو ٿيڻ جن مان ٽي آپگهاتي بم ڌماڪا هيا، مجموعي طور تي ٿيندڙ بم ڌماڪن ۾ ڪي 4 سو جي لڳ ڀڳ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا  ۽ 6 سو جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا، شهيد ٿيندڙن ۾ عوامي نيشنل پارٽيءَ ۽ بلوچستان عوامي پارٽيءَ جا اميدوار پڻ شامل هيا، انهن بم ڌماڪن بعد جهڙوڪر اها ڳالهه وري چٽي ٿي وئي ته ماضيءَ ۾ دهشتگردن خلاف جيڪي به ڪارروايون ڪيون ويون آهن اهي جهڙوڪر اڌوريون رهجي ويون آهن ۽ دهشتگرد باقي آهن، ٻئي پاسي هندستان سان سرحدن تي جهڙوڪر ڇڪتاڻ وارو ماحول هميشه رهندو آيو آهي ۽ پاڪستان جي سرحدي علائقن تي هندستاني فوج جي فائرنگ ٿيندي رهندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهون شهيد ٿيندا رهندا آهن.

ڪشمير مسئلو

ڪشمير مسئلي جي حل نه ٿيڻ ڪري پاڪستان ۽ هندستان وڄ ۾ جهڙوڪر ڇڪتاڻ واري صورتحال جاري آهي، جيڪا ولاريل ڪشمير ۾ ڪشميري عوام  پاران آزاديءَ جي جدوجهد وارن ڏينهن ۾ تيز ٿي ويندي آهي، ڪشمير مسئلي جي حل نه ٿيڻ ڪري پاڪستان جهڙوڪر هڪ دٻاءَ ۾ رهندو پيو اچي، ڇڪتاڻ سبب فوجي خرچن ۾ اضافو ملڪ جي مجموعي ترقيءَ تي اثر انداز ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ڪشمير مسئلي کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي.

غير يقينيءَ واري سياسي صورتحال

25- جولاءِ 2018ع وارين چونڊن کانپوءِ جيڪي نتيجا آيا آهن انهن ته جهڙوڪر حد ڪري ڇڏي، ملڪ جون تقريبن سموريون سياسي پارٽيون غير موثر ٿي وڃي ڪنڊ ۾ ويهي رهيون آهن ۽ ملڪ جي سياسي منظر نامي ۾ فقط هڪ ئي پارٽي نظر اچي رهي آهي جيڪا تحريڪ انصاف آهي، باقي ملڪ ۾ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ملڪ جي سياسي قوتن جي اهڙي نموني ويڳاڻپ واري ڪيفيت ۾ اچڻ بعد جهڙوڪر ايجيٽيشن واري صورتحال ۾ اچي ويون آهن، چونڊن ۾ هارائجڻ بعد تقريبن سمورين پارٽين جن ۾ پيپلز پارٽي به شامل آهي ان به چونڊن ۾ بدترين ڌانڌلين جو الزام هڻندي چونڊ نتيجن کي مجموعي طور تي رد ڪري ڇڏيو.

هن چونڊن جا نتيجا ڪجهه اهڙي نموني نڪتا آهن مرڪز سميت صوبن ۾ ڪابه اهڙي پارٽي نه آهي جيڪا مڪمل طور تي اڪثريت حاصل ڪري حڪومت ٺاهي سگهي، مرڪز توڙي صوبن ۾ “ هينگ گورنمينٽس“ ئي وجود ۾ اينديون، سنڌ ۾ به صورتحال اهڙي آهي پر ان جي سنگيني ڪنهن حد تائين گهٽ آهي.

1947ع کان وٺي 2018ع تائين هن ملڪ جي انتهائي سياسي بدقستي رهي آهي جو ان جو سياسي نظام مستحڪم نه ٿي سگهيو آهي ۽ جمهوريت مضبوط نه ٿي سگهي آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن اتان جي سياسي نظام ۾ جمهوريت جو سلسلو مستحڪم نه آهي ته پوءِ سمورو سماج ترقيءَ جي سمورن مرحلن طئه ڪرڻ کان محروم رهجي ويندو، سماجي ترقيءَ جي انهن سمورن مرحلن مان تعليم ۽ صحت جو شعبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو آهي.

سڄي ملڪ جي سياسي حلقن ۾ اهو تاثر سگهارو آهي ته تحريڪ انصاف کي هڪ خاص مقصد تحت کٽرائي ايوان اقتدار تائين پهچايو ويو آهي، جنهن جو مقصد ملڪ جي مجموعي بحرانن کي حل ڪرڻ آهي، اهو اهڙو تاثر آهي جيڪو هڪ مستحڪم خيال طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي، هاڻي سوال اهو آهي ته عمران خان جهڙي نموني ايوان اقتدار تائين پهتو آهي ۽ هو جيڪي نيئن پاڪستان ۽ تبديلين جا وعده ڪندو رهيو آهي ڇا؟ هو اهي سمورا وعده پورا ڪري سگهندو ، ملڪ ۾ ڪا تبديلي اچي سگهندي……….

……..جي نه ته پوءِ اهو سوال انتهائي اهميت اختيار ڪري ويبدو ته …عمران خان کانپوءِ  ڪير ايندو ……..جيڪو ملڪ کي درپيش ڪيئي بحران حل ڪندو، جڏهن ته اسٽبلشمينٽ وٽ هاڻي ڪو ٻيو آپشن به نه بچيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊيم جا متبادل

سنڌيڪار: انجنئير موهن ٺاڪر "پيٽرڪ مکولي، جيڪو برطانيا جي  بين الاقوامي درياهن جي هڪ نيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے