19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ مشن آهي، پارليامينٽ ۾ ويهي پنهنجي نظريي ۽ معاملن کي کڻي هلنداسين: پ پ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان پنهنجي نظريي تي قائم آهيون، شهيد بينظير ڀٽو جو واعدو نڀائڻو آهي، پاڪستان بچائڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عام چونڊن ۽ قومي اسيمبلي اجلاس جي حوالي سان پ پ جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پ پ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين بلاول ۽ آصف زرداري جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ نون چونڊيل قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف زرداري جو چوڻ هو ته اسان جي برداشت وڌندي ۽ صبر جي رستي تي هلنداسين، جمهوريت جو نقصان ملڪ ۽ اسان جو نقصان هوندو، اسان کي جمهوريت جي دائري ۾ رهي حالتن جو مقابلو ڪرڻو آهي. هن چيو سنڌ ۾ ته اسان جي ئي حڪومت آهي، هاڻ پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڏکڻ پنجاب کي صوبو بڻائڻ اسان جو مشن آهي، اسان جي خواهش آهي ته ڏکڻ پنجاب ترقي ڪري ۽ عوام کي سهولتون ملن. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته اسان جي جدوجهد هڪ ڏينهن جي ناهي، اها جاري رکنداسين، جدوجهد سان ملڪ ۽ پارٽيءَ جو نالو روشن ٿيندو، پارليامينٽ ۾ ويهي پنهنجي نظريي ۽ معاملن کي کڻي هلنداسين، اهو ڏکيو رستو آهي پر اسان ان رستي تي هلنداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے