22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ ميٽرڪ سائنس جا نتيجا پڌرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميٽرڪ بورڊ ڪراچي سائنس گروپ جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڏهين درجي جي سالياني امتحانن ۾ سائنس گروپ جي هڪ لک 59 هزار کان وڌيڪ شاگردن حصو ورتو، جن مان 98 هزار 834 شاگرد ڪامياب ٿيا ۽ ڪاميابيءَ جي مجموعي شرح 63 سيڪڙو رهي. ميٽرڪ سائنس جي امتحانن ۾ ڪي پي ايس اسڪول گلشن اقبال جي فاريا آصف پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، هيپي پيلس اسڪول جي آمنا اقبال ٻي، جڏهن ته ناصرا اسڪول ملير جي محمد جنيد ٽين پوزيشن ماڻي. ان موقعي تي ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين شاگردن کي واڌايون ڏيندي چيو ته ڪامياب شاگرد ذهن ۾ رکن ته وقت جو قدر ۽ پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيڻ ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. ميٽرڪ سائنس گروپ جي پوزيشن هولڊرن سان گڏ جنرل گروپ جي پوزيشن هولڊرن کي به تقريب ۾ دعوت ڏني وئي. ڏهين درجي جي سالياني امتحاني نتيجن واري تقريب ۾ سڄي سنڌ جي تعليمي بورڊن جي چيئرمينن خاص مهمانن طور شرڪت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے