19 اربع , سيپٽمبر 2018

عورتن جي گهٽ ووٽنگ تي چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي: شوڪت يوسفزئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شوڪت يوسفزئي پي ڪي 23 شانگلا بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پي ڪي 23 ۾ عورتن جي گهٽ ووٽنگ تي چونڊون ڪالعدم ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي حقيقت جي ابتڙ قرار ڏيندي چيو ته ان معاملي تي عدالت سان رابطو ڪندس. شوڪت يوسفزئي موجب ڪنهن اميدوار عورتن جي گهٽ ووٽن جي دانهن نه ڪئي، معاملي تي بابر اعواڻ قانوني مدد فراهم ڪندو. واضح رهي ته پي ڪي 23 ۾ تحريڪ انصاف اميدوار شوڪت يوسفزئي 17 هزار 399 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو هو. ان تڪ ۾ عورت ووٽرن جو انگ 86698 آهجي پر 25 جولاءِ تي پولنگ واري ڏينهن رڳو 3505 عورتن ووٽ وڌا، جنهن سبب اليڪشن ڪميشن گذريل هفتي تحريڪ انصاف اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو حڪم ڏنو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اصل منزل اڊيالا جيل ئي آهي: فيصل جاويد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے