23 آچر , سيپٽمبر 2018

عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ سان ڪرڪيٽ ۾ به بهترين تبديلي ايندي: وقار يونس

Creating Imran Khan's Prime Minister will make a great change in cricket: Waqar Younisڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وقار يونس پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي امڪاني وزيراعظم بڻجڻ تي وڌايو ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ان سان ڪرڪيٽ ۾ به بهترين تبديلي ايندي. نجي چينل سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته عمران خان ٽاپ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي ۽ ان کان وڌيڪ بهترين جج ڪو به نٿو ٿي سگهي، ڪرڪيٽ ۾ جيڪا به تبديلي آڻڻي آهي هو ان تي بهترين طريقي سان سوچيندو. وقار يونس اميد ظاهر ڪندي چيو ته عمران خان ڪرڪيٽ لاءِ سٺي پاليسي ٺاهيندو ڇو ته هو سدائين اهو چوندو رهيو آهي ته ٽيمون گهٽ ڪيو، ڪرڪيٽ جو معيار ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ گرائونڊ بهتر ٺاهيو ۽ اسٽيڊيم جي سارسنڀال ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران وقار يونس ٻڌايو ته اسان سڀني ڪرڪيٽرن عمران خان سان ملاقات ڪئي جيڪا اسان جي ذميواري هئي، اسان گڏجي سندس حوصلو وڌايو، ۽ کوڙ معاملن تي ڳالهيون پڻ ڪيون جيڪا مثبت نشاني آهي.  2018 جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي جي حوالي سان وقار يونس جو چوڻ هو ته سندس خيال موجب تبديلي سٺي هوندي آهي ۽ جيڪا تبديلي پاڪستان آئي اها سٺي ثابت ٿيندي. هن جو چوڻ هو ته مونکي يقين آهي ته عمران خان پنهنجي ٽيم سان  گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے