22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز |بدين: پورھيت جو نوجوان پٽ بڪين  جي بيماري ۾ متبلا

بدين  ۾  پورھيت جو نوجوان پٽ بڪين  جي بيماري ۾ متبلا ٿي ويو آهي پورهيت بيمار پٽ کي کڻي پريس ڪلب پهچي ويو،  ڳوٺ حاجي ھاشم خاصخيلي جي رھواسي ڪمال خان چانڊيو نوجوان پٽ ولي محمد چانڊيو کي بڪين  جي تڪليف سبب چنگچي رڪشا ۾ کڻي ايوان صحافت  پھچي مدد جي اپيل ڪئي .

هن چيو ته هو مسڪين ماڻهو آهي پر ان باجود به هن وس آهر پٽ جو علاج ڪرايو پر ڦڪين فرق نه ڪيو.

هن ٻڌايو ته هاڻي هن ۾ وڌيڪ علاج ڪرائڻ  جي سگهه ناهي رڳو هڪ پٽ آهي .

هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته سندس مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هو پٽ جو علاج ڪرائي سگهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے