26 اربع , سيپٽمبر 2018

آمريڪا ترڪ شين تي ٽيڪس جو اعلان ڪري لاڳاپن کي تباهه ڪيو: رجب طيب اردگان

United States Targets Destroying Taxes By: Reform Arsenalانقرا(ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته آمريڪا ترڪي جي شين تي ٽيڪس جو اعلان ڪري لاڳاپن ۽ حصيداري کي تباهه ڪيو، معاشي جنگ ۾ انقرا واشنگٽن اڳيان گوڏا نه کوڙيندو.آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ۾ شايع ٿيل مضمون ۾ ترڪ صدر چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نه صرف لاڳاپا متاثر ڪيا پر ترڪي سان معاشي جنگ جي شروعات ڪئي.اردگان جو چوڻ هو ته نيٽو اتحادي سان آمريڪي رويي تي صدمو پهتو پر ترڪي نوان دوست ڳوليندو. رجب طيب اردگان وڌيڪ لکيو ته پادري جي تڪرار  تي اسٽريٽجڪ حصيداري سان ان قسم جو رويو غير مناسب آهي.انقرا ۾ ورڪرز ريلي کي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ هڪ پادري کي اسٽريٽجڪ حصيدار ملڪ تي ترجيح ڏني پر آمريڪا کي ياد رکڻ گهرجي ته ترڪي ان جي سامهون جهڪڻ وارو ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا سان وڌيڪ ڳالهيون ممڪن ناهن: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هڪ چيني حڪومتي اهلڪار چيو آهي ته آمريڪا سان واپاري تڪرار ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے