23 آچر , سيپٽمبر 2018

ٻن ورهين دوران فيسبڪ جي ٽريفڪ انگ ۾ 50 سڪيڙو گهٽتائي: رپورٽ

Fifty years of Facebook's Facebook traffic decreased by 50 percent in two yearsڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مشهور سوشل ميڊيا ويب سائٽ” فيسبڪ“ جي مقبوليت جو گراف تيزي سان ڪري رهيو آهي، هڪ اندازي موجب هاڻ گذريل ٻن ورهين ۾ ايندر وزيٽر جي انگ ۾ يعني”ٽريفڪ“ ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ٻه ورهيه اڳ فيسبڪ تي وزٽ جو ماهوار انگ 8 ڏهائي 5 ارب(اٺ ارب پنجاهه ڪروڙ) هئي جيڪا هلندڙ سال جي وچ تائين گهٽ ٿي 4 ڏهائي 7( چار ارب ستر ڪروڙ) ماهوار  وڃي بچي آهي. اهڙو انڪشاف ٽريفڪ ويب سائٽ تي نظر رکندڙ ۽ تجزيو ڪندڙ آزاد پليٽ فارم سميلري ويب جي سب ويب سائٽ” مارڪيٽ انٽيليجنس ڊاٽ آئي او“ تي هڪ تجزيه نگار پنهنجي تازي جائزي ”پيراڊائم شفٽ“ ۾ ڪيو آهي. جائزي موجب هڪ پاسي فيسبڪ تي ايندڙ واهپيدار جي انگ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ٻئي پاسي يوٽيوب تي ايندڙ ماڻهن جي انگ ۾ غيرمعمولي  اضافو ٿيو آهي.  سميلري ويب موجب گذريل مهيني ۾ يوٽيوب تي ساڍا چار ارب ماڻهو آيا ۽ ان رفتار سان اهو گراف وڌندو رهيو ته تمام جلد يوٽيوب فيسبڪ کان پهرين پوزيشن کسي وٺندو ، جڏهن ته دنياجي سڀ کان وڏي ويب سرچ انجڻ (گوگل) تي گذريل مهيني وزيٽرن جو انگ 15 ارب 20 ڪروڙ نوٽ ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اهو فيسبڪ لاءِ هڪ تمام بري خبر آهي جيڪا پرائيويسي واري معاملي، آمريڪي چونڊن ۾ جعلي خبرون ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪرندڙ حصص سبب اڳ کي تمام گهڻو نقصان برداشت ڪري چڪي آهي، پر سميلري ويب فيسبڪ کي موبائل ايپس ۾ بهترين قرار ڏنو آهي. فيسبڪ واهپيدار برائوزر بجاءَ  تمام تيزي سان ايپ واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا آهن. اهڙي طرح فيسبڪ ايپ جي واهپيدارن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، پر اهو اضافو برائوزر وارن جي انگ جي لحاظ کان تمام گهٽ آهي، اهڙي بنياد تي چيو ويو آهي ته فيسبڪ ٽريفڪ ۾ گڏيل طور تي گهٽتائي ٿي آهي. اهري طرح فيسبڪ جي ٻين پليٽ فارم مثال طور انسٽاگرام ۽ ميسنجر تي پڻ واهيپدارن جو انگ وڌيو آهي، پر فيسبڪ تجزيه نگارن چيو آهي ته شايد ان جو سبب اهو به آهي ته فيسبڪ پنهنجي مرڪزي پليٽ فارم جي بجاءَ پنهنجي ٻين مختلف قسمن جي سروس تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The name of the first Private Tournament on the Moon by Spex X announced

چنڊ جي سفر تي ويندڙ پهرين خانگي سياح جي نالي جو اعلان

ڪيليفورنيا( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ايرو اسپيس مينوفيڪچر ڪمپني” اسپيس ايڪس“ چنڊ جي سير تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے