19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |گمبٽ:  وحشي جوابدارن هٿان  بدفعلي بعد نينگر  بيدردي سان قتل

Gambhat,  KilledBoyگمبٽ  ويجهو  وحشي جوابدرن نينگر سان بدفعلي ڪرڻ بعد کيس گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

قومي شاهراهه تي پئٽرول پمپ ڀر سان جوابدارن 13 سالن جي  نينگر بلاول ڪوري سان بدفعلي ڪرڻ بعد   کيس  ڦاهو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس اوقعي واري هنڌ پهچي  لاش اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .

ٻئي طرف پوليس پنچر جي دڪان جي  مالڪ عارف جٽ کي گرفتار ڪري کانئس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته   13 سالا نينگر بلاول ڪوري ڪسان ڪالوني گمبٽ جو رهندڙ آهي, جيڪو گمبٽ قومي شاهراه تي پينچرن جي دڪان تي ڪم سکندو هو.

ڊاڪٽرن جي شروعاتي رپورٽ موجب نينگر سان بدفعلي ڪئي وئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے