23 آچر , سيپٽمبر 2018

ڊي آءِ خان: مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 6 ايف سي اهلڪار شهيد، ڪيترائي زخمي

DI Khan: The passenger bus and the truck in between, six FC personnel Shaheed, many others injured

ڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي شهر ڊيرا اسماعيل خان ۾ درابن زوب روڊ وٽ مسافر بس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ٽرڪ  وچ  ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي ڊرابن روڊ وٽ سيڪيورٽي فورسز ۽ ٽرڪ ۽ مسافر بس جي وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. فوتين ۽ زخمين کي  سي ايم ايچ منتقل ڪيو ويو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب بس ڪوئيٽا کان ڊيرا اسماعيل خان وڃي رهي هئي. حادثي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿيا جن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. زخمين ۾ سيڪيورٽي اهلڪار ۽ بس ۾ سوار مسافر ٻئي شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے