19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪي اليڪٽرڪ جي هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿي وئي،  اڌ ڪراچي بجلي کان محروم

Some electric hybrid line taps, half-kilometer power depositsڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کي بجلي فراهم ڪندڙ اداري ڪي اليڪٽرڪ جي هاءِ ٽينشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب اڌ کان وڌيڪ شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رات دير سان ڪي اليڪٽرڪ جي هاءِ ٽينشن لائن ٽرپ ٿيڻ سبب گلستان جوهر بلاڪ5، 8، 19، 20، پي اي سي ايڇ ايس بلاڪ2، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال 13 ڊي، ڊيفينس فيز ٽو، ڪلفٽن بلاڪ فائيو، گارڊن، کارا در، سولجر بازار، طارق روڊ ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي . متاثر علائقن ۾ ناظم آباد، صدر، بهادر آباد، ڪلفٽن، ڪورنگي، لانڌي، گلشن عمير، ريس ڪورس ۽ آس پاس جا علائقا شامل آهن، بجلي جي فراهمي معطل ٿين سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب هاءِ ٽينشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي  جڏهن ته متاثر علائقن ۾ بحالي وارو عمل تيزي سان جاري آهي. ترجمان موجب ڪي اليڪٽرڪ جو عملو متاثر علائقن ۾ بجلي کي مڪمل بحال ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن کان سهڪار ڪرڻ  جي درخواست پڻ ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ : بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون مڪمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ننڍي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے