23 آچر , سيپٽمبر 2018

دهشتگرديءَ جي تازن واقعن ۾ سي پيڪ نشانو آهي: اسٽينڊنگ ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ٿيندڙ حملي سي پيڪ جي چوڌاري گهمن ٿا ۽ انهن حملن پويان ملڪ دشمن عنصرن جو هٿ آهي. اسٽيڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هن بلوچستان ۾ چيني انجنيئرن ۽ گلگت بلتستان ۾ پوليس اهلڪارن تي ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگرديءَ جي نئين لهر ڳڻتي جوڳي آهي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي ڏُک پهتو، پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو ڇوڪرين جا اسڪول ساڙڻ ۽ تباهه ڪرڻ جو ئي تسلسل آهي. رحمان ملڪ چيو ته چيني شهرين تي حملو مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ عمل آهي، پاڪستان دشمن عنصر اهڙن واقعن سان ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. اسٽينڊنگ ڪميٽي چيني انجنيئرن تي آپگهاتي حملي ۽ گلگت بلتستان ۾ پوليس اهلڪارن تي دهشتگردن جي حملي بابت بلوچستان جي آءِ جي ۽ گلگت بلتستان اختيارين کان تفصيل گهري ورتا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه محمود قريشي گڏيل قومن ۾ ڪشميرين جي حق لاءِ آواز اٿاري: مشعال ملڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے